Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 44:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اڄ ڏينهن تائين اوهين نہ پشيمان ٿيا آهيو، نڪي منهنجي تعظيم ڪئي اٿوَ، نہ وري منهنجي شريعت ۽ منهنجي حڪمن تي هليا آهيو، جيڪي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن اڳيان رکيا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 هو اڄ ڏينهن تائين پشيمان نہ ٿيا آهن، نڪي ڊنا آهن، نڪي منهنجي شريعت تي يا منهنجن قانونن تي هليا آهن، جي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي اڳيان رکيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 44:10
38 Iomraidhean Croise  

”ڏس، اخي‌اب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“


’جيئن ئي تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌو جنهن ۾ مون چيو آهي تہ اهي لعنتي ۽ ٻين لاءِ هڪ مثال ٿيندا، تنهنجي دل نرم هئي، سو تو عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


پوءِ حزقياہ ۽ يروشلم جا رهاڪو توبهہ‌تائب ٿيا، جنهنڪري خداوند حزقياہ جي ڏينهن ۾ انهن تان سزا ٽاري ڇڏي.


هن مصيبت ۾ پوڻ کان پوءِ منسيءَ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي آڏو عاجزي ڪئي ۽ کانئس مدد گھريائين.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


جيئن تہ تو يروشلم شهر ۽ ان ۾ رهندڙن جي خلاف منهنجو فرمان ٻڌندي ئي عاجزيءَ وچان پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ منهنجي اڳيان رنو رڙيو آهين، تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ مون بہ تنهنجي ٻڌي آهي.


خداوند انهن کي ويجھو آهي جيڪي دل‌شڪستہ آهن، ۽ جن جا روح چيڀاٽيل آهن تن کي هو بچائي ٿو.


اي خدا! منهنجو نماڻو روح تو لاءِ منهنجي قرباني آهي. اي خدا! تون نماڻي ۽ پشيمان دل کي حقير نہ ٿو ڄاڻين.


هنن بني اسرائيل سان خدا جي ٻڌل عهد کي قائم نہ رکيو، بلڪ سندس شريعت تي هلڻ کان انڪاري ٿيا.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


تون اڃا بہ پاڻ کي منهنجي قوم کان مٿي ٿو سمجھين ۽ کين وڃڻ نہ ٿو ڏين.


باقي تنهنجي ۽ تنهنجي رعيت جي مون کي خبر آهي، تہ اڃا بہ اوهان کي خداوند خدا جو خوف ڪونہ آهي.“


عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بي‌وقوف ماڻهو بي‌پرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي.


شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو.


سڀاڳو آهي اهو ماڻهو، جيڪو هميشہ خداوند کان ڊڄندو ٿو رهي، مگر جيڪو مغرور ۽ هٺيلو آهي سو برباديءَ کي وڃيو رسي.


خدا جو خوف رکڻ وارو بدڪاريءَ کان نفرت ڪري ٿو. مغروريءَ، هٺ، بڇڙائيءَ واري رستي ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ کان مون کي نفرت آهي.


ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


هيءَ پوري ڪائنات مون خداوند جي هٿن ئي جوڙي آهي، ۽ انهيءَ جي هر شيءِ منهنجي ڪري ئي آهي. آءٌ انهن ماڻهن مان خوش آهيان، جيڪي نماڻا ۽ توبهہ‌تائب ٿيندڙ آهن، ۽ جيڪي مون کان ڊڄندي منهنجي تابعداري ٿا ڪن.


اي قومن جا بادشاهہ! ڪير نہ تنهنجو خوف رکندو؟ ڇو تہ رڳو تون ئي انهيءَ لائق آهين. قومن جي سڀني دانائن ۾، ۽ انهن جي سڀني بادشاهتن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونهي.


سو تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اوهان منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن ۽ نہ ئي منهنجي ڏنل شريعت تي هليا آهيو.


هنن اچي هن ملڪ تي قبضو تہ ڄمايو، پر تنهنجي فرمانبرداري نہ ڪيائون ۽ نہ وري هو تنهنجي شريعت تي هليا. جيڪي حڪم تو کين ڏنا تن مان ڪوبہ حڪم هنن بجا نہ آندو. تنهنڪري تو هي آفتون هنن تي آنديون آهن.


پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.


سو جيئن تہ اوهان غير معبودن لاءِ قربانيون پيش ڪري خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ هن جي فرمانبرداي نہ ڪئي اٿوَ ۽ نہ وري سندن شريعت ۽ قاعدن قانونن تي هليا آهيو، تنهنڪري هيءَ سڄي مصيبت اوهان تي آئي آهي، جيئن هاڻ اوهين ڀوڳيو ٿا.“


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم ڪونهي آيو، کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڇا هو پنهنجن ڪراهت جهڙن ڪمن کان شرمندا آهن؟ نہ، هو بلڪل شرمندا ڪونہ آهن. کين اها بہ خبر ڪانهي تہ شرم ڪهڙي شيءِ آهي. سو برباد ٿيندڙن سان گڏ هو بہ برباد ٿيندا. جڏهن آءٌ کين سزا ڏيندس تڏهن سندن پڄاڻي ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


پر اوهين جيڪي منهنجو خوف ٿا رکو تن جي لاءِ ان ڏينهن منهنجو بچائڻ سج جي روشنيءَ وانگر هوندو، جنهن جو نتيجو چڱائي ۽ ڀلائي هوندو. اوهين انهيءَ ڏينهن تي ائين نچندا ٽپندا جيئن وٿاڻن مان گابا ڇٽي نڪرڻ مهل نچندا ٽپندا آهن.


فوجي صوبيدار ۽ ٻيا جيڪي ساڻس گڏ عيسيٰ تي پهرو ڏيئي رهيا هئا، تن جڏهن زلزلو ۽ ٻيو ڪجھہ ٿيندي ڏٺو تہ ڏاڍا ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ هيءُ ماڻهو خدا جو فرزند هو.“


پر ٻئي انهيءَ کي ڇينڀي چيو تہ ”ڇا تو کي خدا جو بہ خوف نہ آهي، جيتوڻيڪ تون بہ تہ ساڳي سزا پيو ڀوڳين؟


ٺيڪ آهي. پر ياد رکو، اهي ٽاريون انهيءَ لاءِ ڀڳيون ويون جو انهن مسيح تي ايمان نہ آندو ۽ اوهين انهيءَ ڪري جڙيل آهيو جو اوهان مسيح تي ايمان آندو آهي. سو پاڻ تي وڏائي نہ ڪريو، بلڪ خوف رکو.


تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي مناسب وقت تي سرفراز ڪري.


اي خداوند! تو کان ڪير نہ ڊڄندو؟ تنهنجي نالي جي تعظيم ڪير نہ ڪندو؟ ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي پاڪ آهين. سڀيئي قومون اچي تنهنجي اڳيان سجدو ڪنديون، ڇاڪاڻ تہ تنهنجي انصاف جا ڪم ظاهر ٿيا آهن.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan