يرمياہ 44:1 - Muslim Sindhi Bible1 خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ Faic an caibideilSindhi Bible1 اهو ڪلام جو مصر جي ملڪ ۾ رهندڙن، ۽ مجدال ۾، ۽ تحفنحيس ۾، ۽ نوف ۾، ۽ فتروس جي ملڪ ۾ رهندڙن يهودين جي نسبت ۾، يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ Faic an caibideil |
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.