Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 43:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اٽلندو يوحنان ۽ لشڪر جي سالارن يهوداہ جي انهن سڀني باقي بچيل ماڻهن کي پاڻ سان ساڻ کنيو، جيڪي انهن سڀني قومن مان يهوداہ ملڪ ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا، جتي کين هڪالي ڪڍيو ويو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو، جي انهن سڀني قومن مان يهوداہ جي زمين ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا جنهن ۾ هو هڪالجي ويا هئا، تن کي ساڻ ورتو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 43:5
7 Iomraidhean Croise  

يهوداہ جي ملڪ ۾ باقي بچيل ماڻهو جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڇڏي ڏنو هو، تن جي مٿان بادشاهہ نبوڪدنضر جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو.


ڏسو، آءٌ پاڻ مصفاہ شهر ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي بابلي اسان وٽ اچن تن اڳيان آءٌ اوهان جي نمائندگي ڪريان. پر اوهين مئي، اونهاري جا ميوا ۽ زيتون جو تيل ڪٺو ڪريو ۽ انهن جو پاڻ وٽ ذخيرو ڪريو ۽ انهن ئي شهرن ۾ رهي پئو جيڪي اوهان هٿ ڪيا آهن.“


تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.


جيئن تہ يوحنان ۽ سندس لشڪر وارا بابلين کان ڊنا ٿي، ڇاڪاڻ تہ اسماعيل جِدلياہ ولد اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ ملڪ تي گورنر مقرر ڪيو هو، سو هو بابلين کان بچڻ لاءِ ماڻهن کي وٺي مصر ڏانهن روانا ٿيا. واٽ تي اهي بيت‌لحم جي ويجھو گيروت‌ڪمهام ۾ ترسيا.


سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan