يرمياہ 43:4 - Muslim Sindhi Bible4 اهڙيءَ طرح يوحنان، لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ ملڪ ۾ ئي رهي پوڻ واري خداوند جي حڪم کي نہ مڃيو. Faic an caibideilSindhi Bible4 انهي طرح يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي پوڻ لاءِ خداوند جو حڪم نہ مڃيو. Faic an caibideil |
جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“