Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 43:13 - Muslim Sindhi Bible

13 سج ديوتا جو پوڄا گھر، جيڪو مصر ۾ آهي، تنهن جا ٿنڀي جيان کوڙيل مجسما هو ڀڃي ڇڏيندو ۽ مصر جي بتخانن کي باهيون ڏيئي ساڙي ڇڏيندو.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 هو بيت شمس جا ٿنڀ بہ ڀڃندو، جو مصر جي ملڪ ۾ آهي، ۽ مصر جي معبودن جا گهر هو باهہ سان ساڙيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 43:13
13 Iomraidhean Croise  

فرعون پنهنجي ٻوليءَ ۾ يوسف جو نالو صفنات‌فعنيح رکيو. هن يوسف جي شادي اون شهر جي مذهبي اڳواڻ فوطيفرع جي ڌيءَ آسنات سان ڪرائي. پوءِ يوسف مصر جي سڄي ملڪ جو گشت ڪيو.


مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.


انهن ڏينهن ۾ مصر ملڪ جي پنجن شهرن ۾ عبراني ٻولي ڳالهائي ويندي ۽ انهن مان هڪڙي شهر کي ”سج جو شهر“ سڏيو ويندو. انهن شهرن جا ماڻهو عهد اقرار ڪندي خداوند قادرِمطلق جا ٻانها بڻجي ويندا.


بابل جي معبودن شڪست کاڌي آهي، ۽ هاڻي گوڏن ڀر جھڪيل آهن. اهي پاڻ کي بچائي بہ نہ سگھيا آهن، بلڪ کين قيد ڪري ٻين ملڪن ڏانهن نيو ويو آهي.


(اوهين انهن کي ٻڌايو تہ اهي معبود، جن زمين ۽ آسمان پيدا نہ ڪيو آهي سي روءِ‌زمين تان ناس ٿي ويندا).


انهن کان علاوہ مون غضب جو اهو پيالو هنن کي پيئاريو: مصر جو بادشاهہ فرعون، سندس نوڪر، سندس عملدار، ان جي سڄي قوم


آءٌ مصر جي بت‌خانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو.


خدا جو اهو فرمان جيڪو اتر مصر جي شهرن مجدال، تحفنيس، نوف ۽ ڏکڻ مصر جي علائقي ۾ رهندڙ سڀني يهوداہ وارن متلعق مون يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي هو تہ


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، آءٌ نوآمون نالي شهر واري معبود آمون کي توڙي فرعون، مصر وارن، سندن معبودن، سندن اتحادي بادشاهن ۽ جيڪي فرعون تي ڀاڙين ٿا تن سڀني کي سزا ڏيندس.


هن جي لشڪر جا گھوڙا تنهنجيون سڀيئي گھٽيون لتاڙي ڇڏيندا. هن جا جنگي جوڌا تنهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ۽ تنهنجي مضبوط ٿنڀن کي ڊاهي ڪيرائي ڇڏيندا.


خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.


اون ۽ في‌بست شهرن جا نوجوان تلوار جي ڌار سان قتل ڪيا ويندا، ۽ ٻنهي شهرن جي باقي بچيل ماڻهن کي آءٌ قيد ڪرائي جلاوطن ڪري ڇڏيندس.


هو انهن جي معبودن جا بت ۽ پلٽيل مورتيون ۽ کين نذر ڪيل سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ مالِ‌غنيمت طور پاڻ سان مصر کڻي ويندو. ڪجھہ سالن تائين سانت ۾ رهڻ کان پوءِ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan