يرمياہ 43:12 - Muslim Sindhi Bible12 آءٌ مصر جي بتخانن ۾ باهيون ڀڙڪائيندس ۽ بابل جو بادشاهہ انهن کي ساڙي ڇڏيندو ۽ انهن جي بتن کي قبضي ۾ آڻي پاڻ سان کڻي ويندو. جهڙيءَ طرح ڪو ڌنار پنهنجي چادر مان جيت ڪڍي انهيءَ کي بلڪل صاف ٿو ڪري، تهڙيءَ ئي طرح بابل جو بادشاهہ مصر ملڪ مان سڄو مال ملڪيت لٽي ڦري ملڪ کي خالي ڪري ڇڏيندو ۽ پوءِ پنهنجي مرضيءَ سان صحيح سلامت هليو ويندو. Faic an caibideilSindhi Bible12 ۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو. Faic an caibideil |
اُها پوشاڪ ۽ اُهو گھوڙو شهنشاهہ جي اعليٰ مرتبي وارن اميرن مان هڪ جي حوالي ڪيو وڃي. پوءِ هو اها پوشاڪ انهيءَ ماڻهوءَ کي پهرائي جنهن کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ ٿو گھري ۽ انهيءَ گھوڙي تي چاڙهي کيس سڄي شهر جي رستن تان گھمائي ۽ سندس اڳيان پڙهو ڏياري تہ ’جنهن ماڻهوءَ کي شهنشاهہ عزت ڏيڻ گھرندو آهي تنهن کي هيترو مان ملندو آهي.‘“
خداوند خدا فرمايو تہ ”آءٌ مصر ۾ اهڙي باهہ ڀڙڪائيندس، جو سڄي ملڪ ۾ دهشت ڦهلجي ويندي، ۽ ملڪ جو ڪوبہ حڪمران باقي نہ رهندو. آءٌ مصر جي وڏي شهر نوف تي روز روشن مصيبت آڻيندس، هائو، انهيءَ کي بتن ۽ مورتين سميت نابود ڪري ڇڏيندس. آءٌ فتروس جو علائقو اجاڙي ڇڏيندس، ۽ ضعن شهر ۾ باهہ لڳائي ڇڏيندس. آءٌ وڏي شهر نوآمون کي بہ سزا ڏيندس، انهيءَ جو قلعو ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اتان جي ماڻهن کي قتل ڪرائي ڇڏيندس. سين شهر جيڪو مصر جو مضبوط قلعو آهي، تنهن تي آءٌ پنهنجو قهر نازل ڪري اتان جي ماڻهن کي وڏي مصيبت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندس.