يرمياہ 43:11 - Muslim Sindhi Bible11 هو اچي مصر جي ملڪ کي شڪست ڏيندو. پوءِ جن جي نصيب ۾ موتمار بيماري هوندي، سي وبا ۾ مري کپي ويندا، جن جي نصيب ۾ قيد هوندو، سي پڪڙي قيد ڪيا ويندا ۽ جن جي نصيب ۾ قتل ٿيڻ هوندو، سي تلوار جي حوالي ڪيا ويندا. Faic an caibideilSindhi Bible11 ۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا، Faic an caibideil |
جيڪڏهن هو تو کان پڇن تہ ’اسين ڪيڏانهن وڃون؟‘ تہ پوءِ تون کين مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’جن جي مقدر ۾ وبا لکيل آهي، سي انهيءَ موتمار بيماريءَ سان وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ تلوار لکيل آهي، سي جنگ ۾ وڃي مرن، جن جي مقدر ۾ ڏڪار لکيل آهي، سي اڃ ۽ بک ۾ وڃي مرن، ۽ جن جي مقدر ۾ قيد لکيل آهي، سي ڌارين ملڪن ۾ قيد ٿي وڃن.‘