Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اڄ مون اوهان کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي فرمايو. پر اوهين انهن سڀني ڳالهين جي نافرماني ڪري رهيا آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 ۽ اڄوڪي ڏينهن مون اُها خبر اوهان کي ڏني آهي: ۽ جنهن ڳالهہ جي لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي اوهان ڏي موڪليو، انهي بابت اوهان ان جو حڪم نہ مڃيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:21
16 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.


جڏهن مون يرمياہ ماڻهن کي خداوند اسان جي خدا جون فرمايل اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي بس ڪئي،


اهڙيءَ طرح يوحنان، لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ ملڪ ۾ ئي رهي پوڻ واري خداوند جي حڪم کي نہ مڃيو.


سو هو خداوند جي نافرماني ڪندي مصر جي ملڪ ۾ داخل ٿيا ۽ تحفنيس شهر تائين اچي پهتا.


سو تون منهنجيون چيل ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ، پوءِ هو اهي ٻڌن يا نہ، ڇاڪاڻ تہ اهي تہ آهن ئي باغي.


”اي آدمزاد! مون تو کي بني اسرائيل قوم جو نگهبان بڻايو آهي. سو جيڪي آءٌ چوان ٿو سو ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.


سو اهي سڀ ٽولا ٽولا ٿي تو وٽ اچن ٿا ۽ تنهنجيون ڳالهيون ٻڌن ٿا. پر هو تنهنجي ٻڌايل ڳالهين تي عمل نہ ٿا ڪن. اهي هميشہ شهوت‌پرستيءَ جون ڳالهيون ڪندا ٿا رهن ۽ ٺڳيءَ ذريعي ٻين کي لٽڻ ڦرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.


ڏس، تون هنن لاءِ رڳو هڪڙي اهڙي ڳائڻي جيان آهين، جيڪو سريلي آواز ۽ وڻندڙ ساز سان شهوت‌پرستيءَ وارا راڳ ڳائيندو هجي. سو هو تنهنجيون ڳالهيون تہ ٻڌن ٿا پر انهن تي عمل نہ ٿا ڪن.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر تعليم ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي.


شايد هتي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو خداوند جي هن کنيل قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجھي ۽ چوي تہ ’جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو هوندس تڏهن بہ سلامت رهندس.‘ تہ پوءِ اها ڳالهہ سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندي،


ڏسو، اڄوڪي ڏينهن مون اوهان جي اڳيان زندگي ۽ ڀلائي، موت ۽ بڇڙائي ٻئي رکيا آهن.


آءٌ اڄوڪي ڏينهن زمين ۽ آسمان کي اوهان تي شاهد ٿو ڪريان تہ مون زندگي ۽ موت، برڪت ۽ لعنت ٻئي اوهان جي اڳيان رکيا آهن. تنهنڪري اوهين زندگيءَ جي چونڊ ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ۽ اوهان جو اولاد جيئرو رهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan