Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:2 - Muslim Sindhi Bible

2 مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ يرمياہ نبيءَ کي چوڻ لڳا تہ اسين توکي منٿ آزي ٿا ڪريون تہ تنهنجي خدمت ۾ جيڪو اسان جو عرض آهي سو قبول پوي ۽ تون اسان جي لاءِ، يعني هي ماڻهو جيڪي بچيا آهن تن سڀني جي لاءِ، خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهر؛ ڇالاءِ جو اسين گهڻن مان ڪي ٿورا وڃي رهيا آهيون، جيئن تون پنهنجن اکين سان اسان کي ڏسين ٿو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:2
34 Iomraidhean Croise  

تڏهن بادشاهہ يربعام خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جو تون خاص ٻانهو آهين، تنهن کان منهنجي لاءِ دعا گھر ۽ کيس سوال ڪر تہ منهنجو هٿ وري ٺيڪ ٿي پوي.“ سو انهيءَ خدا جي ٻانهي خداوند کان دعا گھري تہ بادشاهہ جو هٿ وري ٺيڪ ٿي ويو ۽ جهڙو اڳي هو تهڙو ئي ٿي پيو.


هائو، منهنجي التجا شال تنهنجي حضور ۾ پهچي! تون پنهنجي ڪيل واعدي موجب مون کي اچي ڇڏاءِ.


تڏهن فرعون چيو تہ ”آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني ڪريو. پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گھرجو.“


اوهين خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ اوهان کي وڃڻ ڏيندس. هاڻي اوهان کي هتي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.“


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


جيڪڏهن قادرِمطلق خداوند هنن ٿورن ماڻهن کي باقي نہ بچائي ها، تہ جيڪر يروشلم بہ سدوم ۽ عموراہ شهرن جيان برباد ٿي وڃي ها.


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


اوهان جي نظر تہ گھڻين ئي شين تي پوي ٿي، پر اوهين انهن کي سمجھڻ نہ ٿا چاهيو. اوهان جا ڪن تہ بلڪل کُليل آهن، پر اوهين ڪنهن ڳالهہ تي ڌيان ڏيڻ نہ ٿا چاهيو.


تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”يقيناً نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ آءٌ تو کي قوت بخشيندس. جڏهن مصيبت ۽ تنگيءَ جو وقت ايندو تہ آءٌ تنهنجي مخالفن کان تنهنجي اڳيان نيزاريون ڪرائيندس،


اوهين ڪاٺ کي چئو ٿا تہ ’تون اسان جو پيءُ آهين،‘ ۽ پٿر کي چئو ٿا تہ ’تو اسان کي ڄڻيو آهي.‘ اوهان مون ڏانهن منهن نہ پر پٺي ڪئي آهي، پر جڏهن اوهين مصيبت ۾ پئو ٿا تڏهن مون کي چئو ٿا تہ ’اچ، اچي اسان کي بچاءِ.‘


”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تان‌تہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“


ٿي سگھي ٿو تہ هو خداوند اڳيان آزي نيزاري ڪن ۽ انهن مان هر ڪو پنهنجي غلط رستي کان باز اچي وڃي، ڇاڪاڻ تہ جيڪا ڪاوڙ ۽ جيڪو غضب خداوند انهيءَ قوم خلاف ظاهر ڪيو آهي سو تمام شديد آهي.“


پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“


تنهن هوندي بہ صدقياہ بادشاهہ يهوڪل ولد سلمياہ ۽ ڪاهن صفنياہ ولد معسياہ جي معرفت مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اسان جي قوم لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھر.“


پوءِ صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي مون يرمياہ کي خداوند جي گھر جي ٽئين دروازي وٽ پاڻ وٽ گھرايو. بادشاهہ مون کي چيو تہ ”آءٌ تو کان هڪڙي ڳالهہ پڇان ٿو، مون کان ڪجھہ بہ نہ لڪائجانءِ.“


تڏهن يوحنان جِدلياہ کي ڳجھہ ڳوهہ ۾ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ اسماعيل ولد نتنياہ کي قتل ڪريان، انهيءَ ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هو اوهان جي جان وٺي ۽ پوءِ جيڪي يهوداہ وارا اوهان وٽ اچي گڏ ٿيا آهن سي وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو پڻ ناس ٿي وڃن.“


حقيقت ۾ اوهان پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪيو آهي جو مون کي خداوند اسان جي خدا کان دعا گھرڻ لاءِ عرض ڪري چيو اٿوَ تہ جيڪي ڪجھہ هو چوندو سو ئي اوهين ڪندا.


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


پر هو انهن ماڻهن مان ڪن ٿورن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا کان بچائي وٺندو، انهيءَ لاءِ تہ هو جن جن قومن ۾ وڃن اتي کين پنهنجي سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين. تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ خداوند ئي خدا آهي جنهن اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي.‘“


توڙي جو اهي ڀاڙي تي ڪرڻ لاءِ ٻين قومن ڏانهن ٽڙي پکڙي ويا آهن، تہ بہ هاڻي آءٌ پڪڙي کين گڏ ڪندس، آءٌ کين جلد ئي اشور جي شهنشاهہ جي هٿن ۾ ڏيئي تڪليفن ۾ وجھي ڇڏيندس.


آءٌ اوهان منجھہ خطرناڪ جھنگلي جانور موڪليندس، جيڪي اوهان جي ٻارن کي ماري ڇڏيندا، اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جو تعداد ايترو تہ گھٽائي ڇڏيندا جو اوهان جا رستا ويران ٿي ويندا.


جڏهن ڏٺم تہ ماڪڙ زمين جي سموري ساوڪ کائي چٽ ڪري ڇڏيندي، تڏهن مون پڪاري چيو تہ ”اي خداوند خدا! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ پنهنجيءَ قوم کي معافي ڏي. اها ڪيئن قائم رهي سگھندي؟ جڏهن تہ اها بلڪل ڪمزور آهي.“


ايتري قدر جو جيڪڏهن انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو نہ وڃي ها تہ جيڪر ڪوبہ بچي نہ سگھي ها. پر خدا جي چونڊيلن خاطر انهن ڏينهن جو مدو گھٽايو ويندو.


تنهن تي پطرس ۽ يوحنا کي شمعون چيو تہ ”اوهين منهنجي لاءِ خداوند کان دعا گھرو تہ جيڪي ڳالهيون اوهان چيون آهن تن مان ڪابہ مون سان نہ ٿئي.“


جيتوڻيڪ اوهين آسمان جي تارن جيترا آهيو، تڏهن بہ اوهين گھڻو گھٽجي ويندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي هوندي.


جهڙيءَ طرح خداوند اوهان سان ڀلائي ڪرڻ ۽ اوهان کي وڌائڻ ۾ خوش ٿيندو هو، تهڙيءَ طرح هو اوهان کي فنا ۽ برباد ڪرڻ ۾ بہ خوش ٿيندو. پوءِ اوهين انهيءَ ملڪ مان ڪڍيا ويندا، جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا.


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گھرو تہ جيئن شفا پايو، ڇاڪاڻ تہ سچار ماڻهوءَ جي دعا نهايت اثر واري ٿئي ٿي.


سو سڀني ماڻهن سموئيل کي چيو تہ ”تون اسان پنهنجي ٻانهن جي لاءِ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گھُر، تہ اسين مري نہ وڃون، ڇاڪاڻ تہ اسان پنهنجن سمورن گناهن مٿان هيءَ بڇڙائي بہ وڌائي ڇڏي آهي، جو پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُريو اٿئون.“


باقي رهيس آءٌ، سو خدا شل ائين نہ ڪري جو اوهان جي حق ۾ دعا گھُرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گنهگار ٿيان، بلڪ آءٌ اوهان کي چڱي ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


هنن سموئيل کي چيو تہ ”تون خداوند اسان جي خدا کي اسان جي لاءِ ٻاڏائيندو رهہ، تہ جيئن هو اسان کي فلستين جي هٿن کان بچائي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan