Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تہ پوءِ خداوند جو فرمان ٻڌي ڇڏيو، اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن مصر ۾ وڃي رهڻ جو اوهان جو ارادو پڪو آهي ۽ واقعي اتي وڃي رهندا تہ پوءِ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 تہ تڏهن هاڻي، اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين سچ پچ مصر ۾ وڃي اُتي رهي پوڻ لاءِ خواهان ٿيندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:15
8 Iomraidhean Croise  

سو هو پنهنجو سڀ ڪجھہ کڻي ڀڄي ويو ۽ فرات ندي ٽپي جِلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.


پر جيڪا قوم ۽ حڪومت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي تابعداري نہ ڪندي ۽ پنهنجي ڳچي ان جي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجھندي، تنهن قوم کي آءٌ خداوند جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، جيستائين انهيءَ جي هٿان هنن کي بلڪل نابود ڪري نہ ڇڏيان.


يقيناً ائين ئي ٿيندو جو جن مصر ۾ وڃي رهي پوڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي، سي اتي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري کپي ويندا. انهن مان ڪوبہ انهيءَ مصيبت کان بچي ڪين سگھندو جيڪا آءٌ مٿن آڻيندس.


پوءِ مون انهن سڀني کي، خاص طور عورتن کي چيو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي مصر ملڪ ۾ ٿا رهو، سي سڀ خداوند جو هي فرمان ٻڌو.


شام جو بادشاهہ اهو ارادو ڪندو تہ پنهنجي بادشاهت جي انهيءَ حشمت کي پوريءَ طرح قائم رکي. ان لاءِ هو مصر جي بادشاهہ سان اتحاد ڪندو ۽ کيس پنهنجي ڌيءَ پرڻائيندو، تان‌تہ اها سندس بادشاهيءَ جي تباهيءَ جو سبب بڻجي. پر سندس اها تدبير ڪامياب نہ ٿيندي ۽ کيس ڪو فائدو نہ ٿيندو.


جڏهن عيسيٰ جي مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجھا ٿيا، تڏهن هن يروشلم ڏانهن رخ ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو.


ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan