Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 42:10 - Muslim Sindhi Bible

10 ’جيڪڏهن اوهين هن ملڪ يهوداہ ۾ ئي آباد رهندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس، ڊاهيندس نہ، آءٌ اوهان جا پير ڄمائيندس، اُکيڙيندس نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت مون اوهان تي آندي تنهن کان مون کي ڏک پهتو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 جيڪڏهن اوهين هن زمين ۾ رهندا ايندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس ۽ ڊاهيندس ڪين، ۽ آءٌ اوهان کي پوکيندس ۽ پٽيندس ڪين: ڇالاءِ جو جيڪا خرابي مون اوهان سان ڪئي آهي تنهن کان آءٌ ڦريو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 42:10
25 Iomraidhean Croise  

پر ملائڪ جڏهن يروشلم جي تباهيءَ لاءِ ان ڏانهن پنهنجو هٿ ڊگھيريو، تڏهن خداوند کي انهن جي مصيبت تي ترس اچي ويو. سو جنهن ملائڪ ماڻهن کي ماريو پئي تنهن کي چيائين تہ ”بس، هاڻي پنهنجو هٿ جھل.“ ان وقت خداوند جو ملائڪ اُروناہ يبوسيءَ جي اَن ڳاهڻ واري پِڙ وٽ بيٺو هو.


ان وقت خداوند صيئون کي وري تعمير ڪندو، ۽ ائين هو پنهنجي عظمت ظاهر ڪندو.


سو هن سندن واسطي پنهنجي ٻڌل عهد کي ياد ڪيو، ۽ پنهنجي گھڻي ٻاجھہ جي ڪري پنهنجو سزا وارو ارادو بدلائي ڇڏيائين.


اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تان‌تہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.


انهيءَ سبب جو خدا صيئون کي بچائيندو، ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر پنهنجي قوم لاءِ وري جوڙيندو. پوءِ خدا پنهنجي انهن ٻانهن کي پنهنجي ورثي ۾ ڏنل انهيءَ ملڪ ۾ رهائيندو.


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس.


پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“


پر جيڪا قوم پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھندي، يعني سندس تابعداري ڪندي، تنهن قوم کي ئي آءٌ سندس سرزمين ۾ رهڻ ڏيندس. اها قوم اتي ئي آباد رهندي ۽ پنهنجيون ٻنيون ٻارا سنڀاليندي رهندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘“


جهڙيءَ طرح مون مٿن چوڪسي رکندي سندن پاڙون پٽيون، کين ٽڪرا ٽڪرا ڪيم، سندن تختو اونڌو ڪيم ۽ کين تباهہ وَ برباد ڪيم، تهڙيءَ ئي طرح آءٌ انهن کي پوکڻ ۽ نئين سر اڏڻ ۾ مٿن چوڪسي رکندس.


آءٌ يهوداہ ۽ اسرائيل ملڪن کي وري خوشحال بڻائيندس ۽ انهن کي اڳي وانگر نئين سر آباد ڪندس.


اهڙيءَ طرح يوحنان، لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ ملڪ ۾ ئي رهي پوڻ واري خداوند جي حڪم کي نہ مڃيو.


تڏهن اوهان جي آس‌پاس واريون قومون جيڪي جنگ مان بچي ويل هونديون، سي ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي ناس ٿيل شهرن کي وري اڏايو آهي ۽ ويران ٿيل زمين کي وري آباد ڪيو اٿم. اهو مون خداوند جو واعدو آهي تہ آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڪندس، هائو، ضرور ڪندس.“


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.


تڏهن خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”چڱو ڀلا، ائين نہ ٿيندو.“


تڏهن وري خداوند پنهنجو ارادو بدلايو ۽ فرمايائين تہ ”ڀلا، ائين بہ نہ ٿيندو.“


جڏهن خدا ڏٺو تہ هو پنهنجي بڇڙائيءَ واري هلت چلت کان توبهہ‌تائب ٿي ويا آهن، تڏهن خدا پنهنجو ارادو بدلايو ۽ انهن سان ائين ڪونہ ڪيائين جيئن چيو هئائين.


يونس شهر ۾ گھڙيو ۽ هڪ ڏينهن جي پنڌ ڪرڻ کان پوءِ اعلان ڪيائين تہ چاليهن ڏينهن کان پوءِ نينواہ شهر برباد ڪيو ويندو.


هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.


’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس. هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس،


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan