Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 41:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اهو کوهہ جنهن ۾ اسماعيل انهن سڀني ماڻهن جا لاش اڇلايا هئا سو ساڳيو وڏو کوهہ هو جيڪو يهوداہ جي بادشاهہ آسا اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي گھيري جي ڊپ کان کوٽرايو هو. اسماعيل ولد نتنياہ ان کي لاشن سان ڀري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 هاڻي اُها کڏ جنهن ۾ اسماعيل اُنهن ماڻهن جا لاش اُڇلايا هئا جن کي جدلياہ سان گڏ ڪُٺو هئائين، (يعني اُها ساڳي کڏ جا آسا بادشاهہ اسرائيل جي بادشاهہ بعشا جي ڊپ کان کوٽائي هئي،) تنهن کي اسماعيل بن نتنياہ انهن ڪُٺلن جي لاشن سان ڀري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 41:9
11 Iomraidhean Croise  

هن وقت بہ هو ڪنهن غار ۾ يا ڪنهن ٻئي هنڌ لڪل هوندو. پوءِ جڏهن دائود جي پهرئين ئي حملي ۾ اوهان جا ڪي ماڻهو مارجي ويندا، تہ جيڪو اها ڳالهہ ٻڌندو سو چوندو تہ ’ابي‌سلوم جي پوئلڳن جي خونريزي ٿي رهي آهي.‘


پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي.


مديانين جي ظالمانہ سلوڪ جي ڪري بني اسرائيل وڃي جبلن جي چرن، غارن ۽ ٻين مضبوط هنڌن تي پنهنجي لاءِ اجھا جوڙيا.


پوءِ جڏهن هنن بني اسرائيل جي لشڪر تي حملو ڪيو تڏهن هو گھٻرائجي غارن، گھاٽن جھنگن، ٽڪرين، ڏرن ۽ کڏن ۾ وڃي لڪا.


سو هو ٻئي ڄڻا فلستين جي پهريدارن وٽ ويا ۽ هنن کين ڏٺو. تڏهن فلستي چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، ڪي عبراني انهن ٻِرن مان نڪتا ٿا اچن، جن ۾ وڃي لڪا هئا.“


ساڳيءَ طرح بني اسرائيل جا اهي سڀ ماڻهو، جيڪي افرائيم جي جابلو علائقي ۾ وڃي لڪا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ فلستي شڪست کائي ڀڳا ٿا وڃن تڏهن اهي بہ اچي فلستين تي ڪڙڪيا.


رستي ۾ هو رڍن جي واڙن وٽ اچي پهتو جتي هڪڙي غار هئي. سائول حاجت رفع ڪرڻ لاءِ انهيءَ غار ۾ گھڙي ويو. اتفاق سان انهيءَ ئي غار جي اندرين حصي ۾ دائود پنهنجي ماڻهن سميت لڪو ويٺو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan