Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 41:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ جيئن ئي اهي شهر جي وچ ۾ اچي پهتا تہ اسماعيل ۽ سندس ساٿين انهن کي قتل ڪري هڪڙي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ هيئن ٿيو جو جڏهن هو شهر جي وچ ۾ آيا تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ماڻهو هن سان هئا تن انهن کي ڪهي هڪڙي کڏ ۾ اُڇلائي ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 41:7
11 Iomraidhean Croise  

سندس مکيہ سالارن مان هڪڙي فقحہ ولد رملياہ نالي هن جي خلاف سازش ڪئي. هن پنجاهہ جِلعادين سان گڏجي سامريہ جي شاهي محل واري قلعي ۾ ارجُوب ۽ ارِيہ سان گڏ فقحياہ کي قتل ڪيو ۽ سندس جاءِ تي پاڻ بادشاهہ بڻيو.


پر تون بڇڙن کي برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائيندين، تان‌تہ خوني ۽ ٺڳ ماڻهو پنهنجي اڌ عمر تائين بہ جيئرا نہ رهن. باقي اي خدا! منهنجي توڪل تو تي ئي آهي.


اهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ ڪڏهن بہ پٺتي نہ ٿا رهن، بلڪ هو خونريزيءَ لاءِ هميشہ تيار ٿا رهن.


پر اي بابل جا بادشاهہ! تو لاءِ تہ ڪو مقبرو ئي ڪونهي، بلڪ تون ائين اڇلايو ويو آهين، جيئن ڪو ڪراهت جهڙو مردار هجي. هائو، جيئن جنگ ۾ مارجي ويلن جا ڪپڙا ڦٽي ڪيا ويندا آهن، جيئن دشمنن جا لاش پهاڙي کڏ جي تري ۾ اڇلايا ويندا آهن، ۽ جيئن ڍونڍ پيرن هيٺ لتاڙيو ويندو آهي، تيئن ئي تنهنجي لاش کي بہ ڦٽو ڪيو ويو آهي.


اوهان جا قدم هميشہ برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا. اوهين بي‌گناهہ جو رت وهائڻ ۾ ڪا دير نہ ٿا ڪريو. اوهان جا خيال بدڪاريءَ وارا خيال آهن، ۽ اوهين تباهي ۽ بربادي ڦهلائيندا ٿا وتو.


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


انهن جا قدم خونريزي ڪرڻ لاءِ تڪڙا ٿا هلن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan