Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 41:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 41:5
28 Iomraidhean Croise  

پوءِ يعقوب فدان‌ارام مان سلامتيءَ سان نڪري سڪم شهر ۾ آيو جيڪو ڪنعان ملڪ ۾ آهي. هن شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪئي.


جڏهن انهيءَ علائقي جي حاڪم حمور حِويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو تہ کيس پڪڙي وڃي آبرو لُٽيائينس.


هڪ ڏينهن جڏهن سندس ڀائر پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ لاءِ سڪم ڏانهن ويا،


تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي، هر هڪ جي اڌ ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي. سندن ڪپڙا ويهڪ جي جاءِ تائين ڪپائي پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.


رحبعام سڪم شهر ڏانهن ويو، جتي ڏهن ئي اترادي قبيلن جا ماڻهو کيس بادشاهہ بڻائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.


تنهن کان پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ يربعام افرائيم جي جابلو علائقي ۾ سڪم شهر کي ڪوٽ ٻڌرائي اُتي رهڻ لڳو. بعد ۾ هو اتان هليو ويو ۽ وڃي فنوايل شهر کي ڪوٽ ٻڌرايائين.


پوءِ هن سمر نالي هڪ شخص کان ستر ڪلوگرام چانديءَ جي عيوض سامريہ جي ٽَڪري خريد ڪئي. هن انهيءَ ٽڪريءَ تي هڪ شهر اڏايو ۽ اتان ئي بادشاهي ڪرڻ لڳو. هن ٽڪريءَ جي اڳئين مالڪ سمر جي نالي پٺيان ان شهر جو نالو سامريہ رکيو.


يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي اٺٽيهين سال، اخي‌اب ولد عمري اسرائيل جو بادشاهہ ٿيو. هن سامريہ شهر ۾ رهي اٽڪل ٻاويهہ سال اسرائيل تي بادشاهي ڪئي.


هن خداوند جي هيڪل، شاهي محل ۽ يروشلم جا سمورا مکيہ گھر يعني مکيہ ماڻهن جا سڀ گھر باهہ ڏياري ساڙائي ڇڏيا.


تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي انهن جون ڏاڙهيون مڇون ڪوڙائي ڇڏيون ۽ سندن ڪپڙا وچان ويهڪ جي جاءِ تائين ڦاڙائي ڇڏيا ۽ پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.


اسان تنهنجي ٻانهن کي تنهنجي شهر جي پٿرن سان بہ ايترو تہ پيار آهي، جو انهن کي کنڊر واري مٽيءَ ۾ پيل ڏسي اسين ڏک سان ڀرجي ٿا وڃون.


تنهنڪري هن سيلا شهر واري مقدس جاءِ ۾ پنهنجو رهڻ ڇڏي ڏنو، يعني انهيءَ خيمي کي ڇڏي ڏنائين، جتي هو انسانن جي وچ ۾ رهيو ٿي.


سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


تنهنڪري هن ملڪ جا غريب توڙي امير مري ويندا. انهن کي نہ دفن ڪيو ويندو ۽ نہ مٿن رنو پٽيو ويندو. ڪوبہ سندن سوڳ ۾ پاڻ کي نہ زخمي ڪندو، نہ وري مٿو ڪوڙائيندو.


جِدلياہ جي قتل ٿي وڃڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ جڏهن اڃا ڪنهن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ هئي،


اي فلستيؤ! اوهين جيڪي تباهيءَ کان بچي ويندا سي ڪيستائين پيا ماتم ڪندا؟ هائو، اي غزہ ۽ اسقلون شهر وارؤ! اوهين ڪيستائين سوڳ ۾ پنهنجا مٿا ڪوڙائي ماٺ ڪري ويهندا؟


موآب جي سڀني گھرن جي ڇتين تي ۽ ان جي سڀني چونڪن تي ماتم متل هوندو. انهيءَ ڪري هر مٿو ڪوڙيل هوندو ۽ هر ڪا ڏاڙهي ڪتريل هوندي. هر ڪنهن پنهنجي هٿن کي زخمي ڪيو هوندو ۽ پنهنجي چيلهہ تي کٿو ڍڪيو هوندو. انهيءَ سبب جو آءٌ موآب کي ردي ٿانو وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هوندو.


هاڻ اوهين ان هنڌ ڏانهن وڃو جيڪو سيلا ۾ آهي، جتي مون پنهنجي نالي سان پهرين رهائش اختيار ڪئي هئي. اوهين وڃي ڏسو تہ اُتي پنهنجي قوم بني اسرائيل سان مون سندن بڇڙائيءَ جي ڪري ڇا ڇا ڪيو.


تنهنڪري آءٌ پنهنجي نالي تي سڏجندڙ هن گھر جو، جنهن تي اوهان جو ڀروسو آهي ۽ انهيءَ جاءِ جيڪا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني هئي، تنهن جو بہ اهڙو ئي حال ڪندس جهڙو مون سيلا جو ڪيو هو.


سو اي بني اسرائيل! پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجا ڪپڙا نہ ڦاڙيو، بلڪ پنهنجين دلين جي گھِراين سان خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، ڇاڪاڻ تہ هو رحيم ۽ مهربان آهي. هو ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهي، ۽ عذاب نازل ڪرڻ کان مڙي وڃي ٿو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو،


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


يوسف جا هڏا جيڪي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا سي بہ هنن سڪم ۾ زمين جي انهيءَ ٽڪري ۾ دفن ڪيا، جيڪو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي اولاد کان چانديءَ جي هڪ سؤ سڪن ۾ خريد ڪيو هو. اها زمين يوسف جي اولاد کي ورثي طور ملي هئي.


اهڙيءَ طرح جيستائين خدا جو گھر سيلا شهر ۾ هو، تيستائين ميڪاہ جو ٺاهيل بت هنن کوڙي رکيو.


تڏهن ابيملڪ ولد جِدعون پنهنجي مامن وٽ سڪم شهر ۾ ويو ۽ انهن کي ۽ پنهنجي ناناڻن جي سڄي گھراڻي کي چيائين تہ


هر سال جڏهن بہ اهي خداوند جي مقدس خيمي ڏانهن ويندا هئا، تڏهن فننہ کيس چيڙائيندي هئي. تنهنڪري حنہ روئندي هئي ۽ ماني بہ ڪين کائيندي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan