Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 41:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پوءِ يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جا سالار انهن ماڻهن کي ساڻ ڪري هليا، جن کي گورنر جِدلياہ جي قتل ڪرڻ کان پوءِ اسماعيل مصفاہ مان قيد ڪري وٺي ٿي ويو، يعني اهي جنگي جوڌا، عورتون، ٻار ۽ درٻاري عملدار.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تڏهن يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪرن جا سردار ساڻس هئا تن سڀني انهن باقي بچيلن ماڻهن کي ورتو، جن کي جدلياہ بن اخيقام جي قتل ڪرڻ کان پوءِ هن مصفاہ مان اسماعيل بن نتنياہ جي هٿان ڇڏايو هو، يعني جنگي ماڻهو، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ناظر، جن کي هن وري جبعون مان آندو هو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 41:16
4 Iomraidhean Croise  

جڏهن يهوداہ وارن جي لشڪر جي سڀني سالارن ۽ سندن جنگي جوانن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جِدلياہ کي گورنر مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي وٽس آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، يوحنان ولد قريح، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ يازنياہ ولد معڪاتي. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.


تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.


سو مون يوحنان ولد قريح ۽ لشڪر جا جيڪي سالار ساڻس گڏ هئا تن سڀني کي ۽ ٻين ننڍن توڙي وڏن ماڻهن کي پاڻ وٽ سڏايو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan