Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 41:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 41:10
13 Iomraidhean Croise  

جڏهن سنبلط حوروني ۽ طوبياہ نالي هڪ عموني عملدار اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا، ڇاڪاڻ تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائيءَ لاءِ آيو آهي.


پر جڏهن سنبلط حوروني، طوبياہ ۽ جشم نالي هڪ عرب اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کل ٺٺوليون ڪندي حقارت وچان اسان کان پڇيائون تہ ”اهو ڪهڙو ڪم آهي، جيڪو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين شهنشاهہ جي خلاف بغاوت ڪندءُ ڇا؟“


خداوند جو فرمان آهي تہ ”يهوياڪين جي اولاد جا نالا شاهي دفتر مان خارج ڪيا وڃن، ڄڻ تہ کيس اولاد ئي ڪونہ هو. هاڻ هو پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن بہ بادشاهي نہ ماڻيندو، نڪي سندس اولاد مان ئي ڪو دائود جو جاءِ‌نشين بڻجي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪندو.“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


تڏهن اتي ربلہ شهر ۾ صدقياہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ يهوداہ جا سڀ امير بہ مارائي ڇڏيائين.


هنن اچي کيس چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر ناهي تہ اسماعيل ولد نتنياہ نالي هڪ ماڻهوءَ کي بني عمون جي بادشاهہ بعليس اوهان کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؟“ پر جِدلياہ کي انهن جي ڳالهہ تي يقين نہ آيو.


يهوداہ جي لشڪر جي سالارن ۽ يهوداہ جي انهن ماڻهن جيڪي اڃا ٻاهر وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ جِدلياہ ولد اخيقام کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي بچيل سڀني ماڻهن، يعني اهي غريب ماڻهو جيڪي قيدي بڻائي بابل ڏانهن نہ موڪليا ويا هئا، تن جو نگران بڻايو اٿائين،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan