Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 40:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر جي تابعداري ڪرڻ کان نہ گھٻرايو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو، اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجي ئي ملڪ ۾ آباد ٿي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، قسم کڻي اُنهن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي چيو، تہ ڪسدين جي نوڪري ڪرڻ کان نہ ڊڄو: انهيءَ ملڪ ۾ رهو ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو، تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 40:9
9 Iomraidhean Croise  

پر جڏهن هو ڪا چڱي آرام‌گاهہ يا ڪا دلپسند زمين ڏسندا، تڏهن ڪلهي تي بار کڻڻ لاءِ پنهنجو ڪلهو جھڪائيندا، توڙي جو کين غلام بڻجي مجبوراً ڪم ڪرڻو پوي.


تڏهن گورنر جِدلياہ انهن سڀني ماڻهن سان واعدو ڪندي کين چيو تہ ”اوهين ڊڄو نہ ۽ موٽي اچي پنهنجي ئي شهرن ۾ آباد ٿيو. اوهين رڳو بابل جي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي تابعداري ڪريو. اهو اوهان لاءِ چڱو ٿيندو.“


تنهنجي هٿن جو پورهيو تو کي روزي مهيا ڪندو. تون سکيو رهندين ۽ هر دم تنهنجو ڀلو ٿيندو.


اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تان‌تہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.


پر جيڪا قوم پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي غلاميءَ واري پاڃاريءَ ۾ آڻي وجھندي، يعني سندس تابعداري ڪندي، تنهن قوم کي ئي آءٌ سندس سرزمين ۾ رهڻ ڏيندس. اها قوم اتي ئي آباد رهندي ۽ پنهنجيون ٻنيون ٻارا سنڀاليندي رهندي. اهو آءٌ خداوند ٿو چوان.‘“


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan