Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 40:7 - Muslim Sindhi Bible

7 يهوداہ جي لشڪر جي سالارن ۽ يهوداہ جي انهن ماڻهن جيڪي اڃا ٻاهر وڙهي رهيا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ جِدلياہ ولد اخيقام کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ ملڪ جو گورنر مقرر ڪيو آهي ۽ ان کي ملڪ جي بچيل سڀني ماڻهن، يعني اهي غريب ماڻهو جيڪي قيدي بڻائي بابل ڏانهن نہ موڪليا ويا هئا، تن جو نگران بڻايو اٿائين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 هاڻي جڏهن لشڪرن جا سردار جي ميدان ۾ هئا، تن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ بن اخيقام کي انهيءَ ملڪ جو حاڪم ڪيو آهي، ۽ انهي کي سڀ مرد، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ملڪ جا تمام غريب ماڻهو، ۽ جيڪي قيدي ٿي بابل ڏي نہ موڪليا ويا هئا، سي سڀ حوالي ڪري ڏنا اٿس؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 40:7
14 Iomraidhean Croise  

پر انهيءَ سالار اتي جي ڪن تمام غريب ماڻهن کي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.


بابل وارن هڪڙي هنڌان شهر جي ڀت ڀڳي. تنهن وقت صدقياہ پنهنجي لشڪر سميت ان دروازي منجھان ڀڄي نڪري ويو جيڪو سندس باغ جي ڀرسان گھٽيءَ ۾ هو، جڏهن تہ بابل وارا شهر جو گھيرو ڪيو بيٺا هئا. صدقياہ بادشاهہ پنهنجي لشڪر سوڌو ڀڄي اردن ماٿريءَ وارو رستو ورتو.


پر يهوداہ جا ڪجھہ غريب ماڻهو، جن کي ڪابہ ملڪيت ڪانہ هئي، تن کي هن اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ انهيءَ کان علاوہ کين انگورن جا باغ ۽ ٻنيون بہ ڏنائين.


مون کي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري مان گھرائي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن جي حوالي ڪيو ۽ کيس حڪم ڪيائون تہ ”يرمياہ کي موٽائي سندس گھر ڇڏي اچ.“ اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي قوم وارن سان گڏ رهڻ لڳس.


جڏهن يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سڄي لشڪر بابلين کي شهر اندر گھڙندي ڏٺو تڏهن وٺي ڀڳا. هو رات جي وڳڙي ۾ بادشاهہ جي باغ واري رستي کان ٻن ڀتين جي وچ واري دروازي مان ٻاهر نڪري شهر ڇڏي هليا ويا ۽ اردن ماٿري ڏانهن کڻي رخ رکيائون.


شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو.


پر انهيءَ سال جي ستين مهيني ۾ اسماعيل ولد نتنياہ ولد اليسمع جيڪو شاهي نسل جو هو ۽ بادشاهہ جي عملدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جِدلياہ ولد اخيقام وٽ مصفاہ شهر ۾ آيو. جِدلياہ جي دعوت تي جڏهن اهي سڀ ساڻس گڏ ماني کائي رهيا هئا،


تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.


هيڏانهن جڏهن يوحنان ولد قريح ۽ ساڻس گڏ لشڪر جي وڏن سالارن اسماعيل ولد نتنياہ جي ڪيل انهيءَ سڄي شرارت بابت ٻڌو،


هن انهن مردن، عورتن، ٻارن، بادشاهہ جي ڌيئرن ۽ هر انهيءَ ماڻهوءَ، جنهن کي بابلي محافظن جو سالار نبوزرادان گورنر جِدلياہ وٽ ڇڏي ويو هو، تن سان گڏ مون کي ۽ باروڪ ولد نيرياہ کي بہ ساڻ کنيو.


نبوزرادان انهيءَ ملڪ جي ڪن تمام غريبن کي اتي ئي ڇڏي ڏنو تہ جيئن ڀلي انگورن جي باغن ۽ ٻنين جي سنڀال ڪن.


ملڪ جا سڀيئي ماڻهو بني اسرائيل جي ان وقت جي حڪمران وٽ اهي نذرانا کڻي اچن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan