Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 40:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 ۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 40:4
8 Iomraidhean Croise  

سو اچ تہ ڌار ٿيون. سڄو ملڪ تنهنجي سامهون آهي، ان جو ڪوبہ حصو تون چونڊ. جيڪڏهن تون کاٻو پاسو کڻين تہ آءٌ ساڄو پاسو کڻندس. پر جيڪڏهن تون ساڄو پاسو کڻين تہ آءٌ کاٻو پاسو کڻندس.“


هن ابراهيم کي چيو تہ ”منهنجو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جتي تو کي وڻي اتي رهہ.“


تڏهن اوهان پنهنجن ٻانهن کي چيو هو تہ ’انهيءَ کي مون وٽ وٺي اچو تہ آءٌ کيس ڏسان.‘


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


هامان کي شهنشاهہ چيو تہ ”اها چاندي ۽ اها قوم تنهنجي حوالي آهي، جيئن تو کي وڻي تيئن تون انهن سان ورتاءُ ڪر.“


مون وراڻيو تہ ”اهو ڪوڙ آهي، آءٌ بابلين ڏانهن ڀڳو ڪونہ ٿو وڃان.“ پر ارياہ منهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، اٽلندو مون کي گرفتار ڪري عملدارن وٽ پيش ڪيائين.


خدا مون کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، آءٌ هڪ اهڙي قيديءَ جيان آهيان، جنهن کي نڪري ڀڄي وڃڻ جي ڪا اميد ڪانهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan