15 تڏهن يوحنان جِدلياہ کي ڳجھہ ڳوهہ ۾ چيو تہ ”مون کي اجازت ڏيو تہ آءٌ اسماعيل ولد نتنياہ کي قتل ڪريان، انهيءَ ڳالهہ جي ڪنهن کي بہ خبر نہ پوندي. آءٌ نہ ٿو چاهيان تہ هو اوهان جي جان وٺي ۽ پوءِ جيڪي يهوداہ وارا اوهان وٽ اچي گڏ ٿيا آهن سي وري ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو پڻ ناس ٿي وڃن.“
15 تڏهن يوحنان بن قريحہ، مصفاہ ۾ جدلياہ کي لڪائي چيو تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ اسماعيل بن نتنياہ کي قتل ڪريان، ۽ ڪنهن ماڻهو کي انهي جي خبر نہ پوندي: ڇو هو تنهنجو ساهہ وٺي، جنهن ڪري سڀ يهودي جي تو وٽ گڏ ٿيا آهن، سي ٽڙي پکڙي وڃن ۽ يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو ناس ٿي وڃن؟
پر ابيشي جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن اچي دائود جي مدد ڪئي ۽ انهيءَ راڪاس جهڙي طاقتور فلستيءَ کي شڪست ڏيئي قتل ڪري ڇڏيائين. تنهن کان پوءِ دائود جي ماڻهن کيس قسم ڏيئي چيو تہ ”اڳتي اوهين اسان سان جنگ تي نہ هلو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ختم ٿيڻ سان متان بني اسرائيل جو ڏيئو اجھامي نہ وڃي.“
تڏهن اهي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا. جيڪي آيا سي هي هئا: اسماعيل ولد نتنياہ، قريح جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، سراياہ ولد تنحومت، عيفي نطوفاتيءَ جو اولاد ۽ معڪاتيءَ جو پٽ يازنياہ. اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت وٽس آيا.