يرمياہ 4:6 - Muslim Sindhi Bible6 صيئون ڏانهن وڃڻ لاءِ جھنڊو کڻو، بنا دير پناهہ لاءِ ڀڄو! ڇاڪاڻ تہ خداوند اتر پاسي کان آفت بلڪ تباهي آڻيندڙ لشڪر آڻڻ وارو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible6 صيون ۾ هڪڙو جهنڊو کڙو ڪريو: پناهہ لاءِ ڀڄو، ترسو نہ: ڇالاءِ جو آءٌ خرابي ۽ تباهي اُتر جي پاسي کان آڻيندس. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
اي سڀني قومن وارؤ! اوهين انهيءَ ملڪ تي حملي لاءِ هڪڙو جھنڊو کڙو ڪريو. پنهنجين قومن منجھہ نفيل وڄائي، انهن کي بابل جي خلاف جنگ لاءِ تيار ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ اراراط، مِنِي ۽ اشڪناز جي بادشاهتن جي لشڪرن کي سڏي گڏ ڪريو. هن سان وڙهڻ لاءِ هڪڙو سپهہسالار مقرر ڪريو. ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھوڙن وارا لشڪر مٿس چاڙهي آڻيو.
تڏهن مون ڏٺو تہ هيڪل جي اتر طرف واري ٻاهرين دروازي کان ڇهہ ماڻهو هڪدم اچي حاضر ٿيا، جن مان هر هڪ کي موتمار هٿيار هٿ ۾ هو. انهن جي وچ ۾ هڪڙو ماڻهو عمدي سڻيءَ جي پوشاڪ پهريل هو، جنهن جي چيلهہ سان ڪاتبن وارو قلمدان ٻڌل هو. اهي سڀ اندر لنگھي آيا ۽ ساڙڻ وارين قربانين جي پتل واري قربانگاهہ جي پاسي ۾ اچي بيٺا.