Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:31 - Muslim Sindhi Bible

31 آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

31 ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:31
35 Iomraidhean Croise  

ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“


”آءٌ پنهنجي حياتيءَ کان بيزار آهيان، تنهنڪري آءٌ پنهنجي شڪايت ڪندو رهندس. آءٌ پنهنجي دل جي ڏک وچان چوان ٿو تہ


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


سو اڳتي جڏهن اوهين دعا لاءِ پنهنجا هٿ ڊگھيريندا، تڏهن آءٌ اوهان کان پنهنجو منهن ڦيري ڇڏيندس. هائو، اوهين جيتريون بہ گھڻيون دعائون گھرندا، آءٌ اهي بلڪل نہ ٻڌندس، ڇاڪاڻ تہ اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


هر ڪنهن کي دهشت وٺي ويندي، ۽ عذاب ۽ درد کين وڪوڙي ويندا. هائو، کين ويم واري عورت جهڙا سور اچي لڳندا. هو خوف وچان هڪٻئي جو منهن پيا ڏسندا، ۽ سندن چهرا دهشت ۾ وڪوڙيل هوندا.


سو مون رويا ۾ جيڪي ڪجھہ ڏٺو ۽ ٻڌو، تنهن مون کي دهشت وٺائي ڇڏي، ۽ آءٌ اهڙن سورن ۾ مبتلا ٿي ويس، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي ٿيندا آهن.


اي خداوند! تنهنجي ڏنل تڪليفن جي ڪري اسين اهڙيءَ ويم واري عورت جهڙا ٿياسين، جنهن جي ٻار ڄڻڻ جو وقت ويجھو هجي، ۽ اها سورن وچان لڇي ڦٿڪي ۽ دانهون پيئي ڪري.


انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ گھڻي وقت کان وٺي ماٺ ڪيو ويٺو هئس، مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو. پر هاڻ جيئن ڪنهن پيٽ واري عورت کي ويم جا سور شروع ٿين ۽ هوءَ رڙيون ڪندي، سهڪندي ۽ تڪڙا ساهہ کڻندي ٻار ڄڻي ٿي وجھي، تيئن ئي آءٌ اُٿي کڙو ٿيندس ۽ گھڻو ڪجھہ ڪري ڏيکاريندس.


تڏهن مون کان رڙيون نڪري ويون تہ ”آہ! مون سان تہ ويل ٿي ويو، آءٌ تہ ناس ٿي ويس. آہ! آءٌ جيڪي بہ ڳالهايان ٿو سو گناهن سان ڀريل آهي، بلڪ منهنجي پوري قوم جو ڳالهائڻ ٻولهائڻ گناهہ سان ڀريل آهي. پر تنهن هوندي بہ مون پنهنجي اکين سان ابدي بادشاهہ، خداوند قادرِمطلق کي ڏٺو آهي.“


يروشلم جا رهاڪو دانهون ڪري چون ٿا تہ ”هاءِ! اسان جي خستہ‌حالي! اسان جا زخم لاعلاج آهن! اسان تہ سمجھي ورتو آهي تہ اها مصيبت برداشت ڪرڻ کان سواءِ اسان کي ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.


هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي، جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟ هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


پر هاڻ منهنجو عرض آهي تہ تون سندن اولاد کي ڏڪار منجھہ وجھي ڇڏ، ۽ دشمن جي تلوار جي حوالي ڪري ڇڏين. هنن جون زالون سنڍ ۽ بيوہ بڻائي ڇڏ، هنن جا مرد وبا جي حوالي ڪري ماري ڇڏ، ۽ سندن نوجوان جنگ ۾ تلوار سان ڪهائي ڇڏ.


اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو، جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون، تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“


سوچي سمجھي ٻڌايو تہ ڇا ڪو مرد بہ ٻار ڄڻيندو آهي؟ تہ پوءِ ڇو آءٌ ڏسان ٿو تہ هر مرد کي پنهنجي ڍاڪن تي هٿ آهن، جيئن ڪا سورن واري عورت ڪندي آهي؟ ڇو هر چهرو خوف وچان ڦري ڦڪو ٿي پيو آهي؟


”اي باروڪ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا تو لاءِ هڪڙو پيغام ڏنو آهي.


ان جا سڀ شهر قبضي هيٺ اچي ويندا، ۽ مضبوط قلعا دشمن هٿ ڪري وٺندا. انهيءَ ڏينهن موآب جي بهادر مردن جي دلين ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


ڏسو، دشمن لشڪر عقاب وانگر اڏامندو ۽ بُصراہ مٿان پنهنجا پر پکيڙيندو. انهيءَ ڏينهن ادوم جي بهادر مردن جي دل ۾ اهڙي تہ دهشت هوندي، جهڙي ويم جي سورن واري عورت جي دل ۾ هوندي آهي.


’دمشق وارا هيڻا ٿي پيا آهن، ۽ دشمن لشڪر اڳيان ڀڄي نڪتا آهن. خوف وچان کين ڏڪڻيءَ اچي ورايو آهي. سو کين اهڙي تڪليف ۽ درد اچي سوگھو ڪيو آهي، جيئن ڪا عورت ويم جي سورن ۾ هجي.‘


بابل جي بادشاهہ هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري سندس ڍڍر ڍرا ٿي پيا آهن. کيس ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو اٿس.


صيئون جي خوبصورت ۽ نازنين بستي يروشلم جيڪا هڪ چراگاهہ مثل آهي، سا ناس ٿي ويندي،


ڏسو، آءٌ هر هڪ جي اڳيان پنهنجا هٿ ڊگھيڙيان ٿي، پر ڪوبہ دلاسو ڏيڻ وارو ڪونهي. اٽلندو آس‌پاس وارين سڀني قومن کي خداوند منهنجي سڀني ماڻهن جي خلاف ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ انهن جي نظرن ۾ پليت ٿي ويئي آهيان.


اي خداوند! ڏس، مون تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، جنهن ڪري منهنجي گھرن اندر موت ئي موت، ۽ ٻاهر منهنجي ماڻهن جو قتلام ڪيو پيو وڃي. آءٌ ڪيڏي نہ تڪليف ۾ آهيان. منهنجي آنڊن ۾ وٽ ٿا پون، منهنجي دل ڏکويل آهي، ۽ آءٌ ڏاڍي پشيمان آهيان.


منهنجا ماڻهو جوان توڙي پوڙها گھٽين ۾ مئا پيا آهن. هائو، تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري منهنجا جوان مرد توڙي عورتون تلوار سان قتل ڪيا ويا آهن. تو انهن جو ڪوس ڪرايو آهي، ۽ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪيو اٿيئي.


ڪوبہ ٻار ويم جي وقت پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار نہ ٿو ڪري، پر اسرائيل وارا ايترا تہ نادان آهن، جو هو گناهن کان ٻاهر نڪري زندهہ رهڻ نہ ٿا چاهين.


تون ڀلي هڪ ويم واري عورت وانگر تڙپندي لڇندي رڙيون ڪر، ڇاڪاڻ تہ هاڻي تنهنجا رهاڪو تو کي ڇڏي کُليل ميدان ۾ وڃي رهڻ وارا آهن، بلڪ هو بابل ملڪ ڏانهن جلاوطن ٿيڻ وارا آهن. پر تنهن هوندي بہ اتي خداوند اچي انهن کي بچائيندو. هائو، اهو انهن کي سندن دشمنن جي هٿان ڇڏائيندو.


اي يروشلم جي وسندي! تون ڇو ٿي رڙيون ڪري روئين؟ ڇا تو ۾ ڪو بادشاهہ ڪونهي؟ ڇا تنهنجا صلاحڪار مري کپي ويا آهن؟ ڇو تون اهڙي تڪليف ۾ آهين، جو ڄڻ تو کي ويم واري عورت جي سورن اچي ورايو هجي؟


حيف آهي منهنجي حال تي! ڇاڪاڻ تہ آءٌ ميڪاہ اهڙي بکايل وانگر آهيان، جيڪو گرميءَ جا ميوا پٽجي وڃڻ، يا انگور چونڊجي وڃڻ کان پوءِ انهن ميون جو بکايل رهي ٿو. هائو، هن جي کائڻ لاءِ نہ ڪو انگورن جو ڇڳو بچيو آهي، ۽ نہ ئي پهريان پڪل دل کي وڻندڙ انجير ئي آهن.


”صيئون شهر جي رهاڪن کي چئو تہ ’ڏسو، اوهان جو بادشاهہ اوهان وٽ اچي پيو، هو حليم آهي ۽ گڏهہ تي سوار آهي، بلڪ گڏهِہ جي ٻچي يعني کودڙي تي.‘“


پر منهنجي فخر ڪرڻ جو سبب خوشخبريءَ جي منادي ڪرڻ ڪونہ آهي، ڇاڪاڻ تہ منادي ڪرڻ مون تي فرض آهي. جيڪڏهن آءٌ خوشخبريءَ جي منادي نہ ٿو ڪريان تہ منهنجي حال تي افسوس آهي.


جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan