Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:30 - Muslim Sindhi Bible

30 اي يروشلم جي بستي! تنهنجي مقدر ۾ بربادي لکيل آهي، پوءِ تون هي ڇا ٿي ڪرين؟ تون ڇو ٿي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ۽ ڇو ٿي سونا زيور پائين؟ ڇو ٿي ڪڃريءَ جيان ڪجل سان پنهنجيون اکيون سينگارين؟ تنهنجو سينگار اجايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا عاشق تو کان نفرت ڪن ٿا ۽ تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

30 ۽ تون جڏهن لٽجي ويئي آهين تڏهن ڇا ڪنديئن؟ جيتوڻيڪ تون کهنبا ڪپڙا ٿي ڍڪين، جيتوڻيڪ تون پاڻ کي سونن زيورن سان ٿي سينگارين، جيتوڻيڪ ڪجل سان پنهنجون اکيون وڏيون ٿي ڪرين، تہ بہ اجايو پاڻ کي خوبصورت ٿي ٺاهين؛ تنهنجا عاشق توکي ڌڪارين ٿا، اُهي تنهنجي حياتيءَ پٺيان آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:30
27 Iomraidhean Croise  

پوءِ ييهو جنگي گھوڙي گاڏيءَ تي يزرعيل شهر ۾ آيو. جڏهن ايزبل راڻيءَ کي اهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌايون ويون تڏهن هوءَ پنهنجين اکين ۾ ڪجل پائي ۽ سينڌ ڪڍي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ لڳي.


تہ جيئن اوهين اهڙين عورتن جي حسن تي موهت نہ ٿي پئو. هائو، اوهين انهن جي نيڻن جا اسير نہ بڻجي وڃو.


ڇا ڏسان تہ اها عورت اچي ساڻس گڏي، جنهن کي ڪسبياڻين وارو لباس پهريل هو ۽ دل جي مڪار ٿي لڳي.


سو اي اسرائيل جا اڳواڻؤ! اوهين پنهنجي سزا واري ڏينهن ڇا ڪندا؟ هائو، جڏهن ڪنهن ڏورانهين ملڪ جو لشڪر اچي اوهان تي ڪڙڪندو، تڏهن اوهين ڪيڏانهن ڀڄي سگھندا؟ اوهين پنهنجو شان وَ شوڪت ڪيئن بچائي رکندا؟


انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“


صيئون جي يروشلم شهر جا گنهگار ڊپ وچان ڏڪن ٿا. هائو، خدا جا اهي نافرمان خوف وچان ڪنبندي چون ٿا تہ ”خدا جو قهر ڀڙڪندڙ باهہ وانگر آهي، سو اسان مان ڪير اهڙيءَ ساڙيندڙ باهہ ۾ رهي سگھي ٿو؟ اسان مان ڪير انهن ابدي شعلن وٽ گذاري سگھي ٿو؟“


هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي، جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟ هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.


اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو، جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون، تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“


اوهان جي سڀني اتحادين اوهان کي وساري ڇڏيو آهي، اهي اوهان جي سار ڪين ٿا لهن. مون اوهان کي اهڙو ڌڪ هنيو آهي، جهڙو ڪو دشمن ڪنهن کي هڻي، ۽ اهڙي سزا ڏني اٿم جهڙي ڪو ظالم ڪنهن کي ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهان جون بدڪاريون تمام گھڻيون آهن، ۽ اوهان جا گناهہ بي‌شمار آهن.


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


مون پنهنجي چاهيندڙن کي مدد لاءِ سڏيو، پر هنن مون سان دغا ڪئي. منهنجا بکايل ڪاهن توڙي اڳواڻ بہ مون ۾ ٽڪر ڳڀي جي ڳولا ڪندي ڪندي موت جي منهن ۾ هليا ويا.


اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


تون منهنجي باغِ عدن ۾ رهندو هئين. هر قسم جا قيمتي پٿر تنهنجي پوشاڪ جي زينت لاءِ، يعني لعل، پکراج ۽ هيرا، فيروزا، سليماني پٿر ۽ زبرجد، نيلم، زمرد ۽ شب‌چراغ چونڊيا ويا هئا. انهن سڀني کي سون ۾ ٻڙي جيان جڙي ٺاهي تنهنجي پيدائش واري ڏينهن ئي تيار ڪيا ويا هئا.


جڏهن تنهنجا قاتل تو آڏو اچي بيهندا تہ پوءِ تون اڃا پاڻ کي خدا سڏائيندين؟ جڏهن تہ تنهنجا قاتل ڄاڻن ٿا تہ تون خدا نہ بلڪ رڳو هڪڙو فاني انسان آهين.


اوهان جا سڀيئي اتحادي اوهان کي دوکو ڏيندا. اهي اوهان کي اوهان جي وطن مان ڀڄائي ڪڍندا. جيڪي ماڻهو اوهان جا خيرخواهہ آهن، سي دوکي سان اوهان تي غالب ٿي ويندا. هائو، اوهان جا سٺا سٺا دوست جيڪي روزانو اوهان سان گڏ کائين پيئن ٿا، سي ئي اوهان سان ٺڳي ڪندا. پوءِ اهڙيءَ طرح اوهان جي سمجھہ اوهان کان موڪلائي ويندي.


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


انهن ڏهن ئي جي هڪڙي راءِ هوندي ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ اختيار انهيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.


انهيءَ سان ڌرتيءَ جي بادشاهن زناڪاري ڪئي ۽ ڌرتيءَ جا رهاڪو هن جي زناڪاريءَ جي مئي مان پي ڪري الوٽ ٿي پيا هئا.“


انهيءَ عورت کي واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي پوشاڪ پهريل هئي ۽ سون، هيرن جواهرن ۽ موتين سان سينگاريل هئي. انهيءَ کي هٿ ۾ هڪڙو سونو پيالو هو، جيڪو سندس زناڪاريءَ جي گندگيءَ ۽ ڪراهت وارين شين سان ڀريل هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan