يرمياہ 4:29 - Muslim Sindhi Bible29 مون ڏٺو تہ گھوڙي سوارن ۽ تيراندازن جي گوڙ شور تي سڀني شهرن وارا ڀڄندا ٿا وڃن. ڪي گھاٽن جھنگن ۾ گھڙيا ٿا وڃن تہ ڪي ٽڪرين تي چڙهندا ٿا وڃن. سمورن شهرن ۾ سڃ لڳي پيئي آهي. منجھن ڪوبہ رهڻ وارو باقي نہ بچيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible29 سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي. Faic an caibideil |
پوءِ مون پروردگار کي قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺل ڏٺو. هن حڪم ڏنو تہ ”عبادتگاهہ جي ٿنڀن جي چوٽين کي ڌڪ هنيو وڃي تہ جيئن چانئٺيون لُڏي وڃن، ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن جي مٿان ڪيرائي سندن مٿا ڀڃي ڀورا ڀورا ڪيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو اتان بچي ويندا، تن کي آءٌ جنگ ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندس. اهڙيءَ طرح انهن مان هڪڙو بہ ڀڄي ڪين سگھندو.