Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:28 - Muslim Sindhi Bible

28 انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:28
34 Iomraidhean Croise  

ڌرتي سُڪي ٺوٺ ٿي ويندي، سو سڄي دنيا بيتاب ۽ ڏکي ٿي ويندي. هائو، دنيا جا زورآور اڳواڻ بہ زبون حال هوندا.


سج، چنڊ ۽ تارا ڀُري دز ٿي ويندا. آسمان ڪاغذ جي ويڙهوٽي وانگر ويڙهجي ويندو، ۽ ان مان ستارا ائين ڇڻي ڪرندا، جيئن انگورن جي ول ۽ انجير جي وڻ مان پن سڪي ڇڻي پوندا آهن.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.


آءٌ آسمانن کي اونداهيءَ جي پوشاڪ ٿو پهرايان، جيئن ڪنهن جي مرڻ جي سوڳ ۾ کٿو ڍڪبو آهي.“


هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.


جيئن تہ ملڪ خداوند سان بي‌وفائي ڪندڙن سان ڀرجي ويو آهي، جن بڇڙائيءَ جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجي طاقت کي سچائيءَ جي خلاف استعمال ڪن ٿا. سو خدا جي لعنت جي ڪري ملڪ سڙي ٺوٺ ٿي ويو آهي ۽ چراگاهہ سڪي سڙي ويا آهن.


خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.


خداوند جو خوفناڪ غضب تيستائين نہ هٽندو، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ سمجھي ويندا.


بابل جي ڀتين جي سامهون حملي لاءِ جھنڊو کڙو ڪريو. پهري واريون چونڪيون مضبوط ڪريو، تاڙ رکندڙ مقرر ڪريو، حملي لاءِ لڪي ويهڻ جون جايون تيار ڪريو.“ بيشڪ خداوند پنهنجو مقصد ضرور پورو ڪندو، جيڪو هن بابل وارن جي خلاف رٿيو آهي.


خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم لاءِ دعا نہ گھر، نڪي انهن جي لاءِ آواز اٿار ۽ نہ عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي سفارش ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.


بيشڪ اهو جيڪي ڪجھہ ٿيو آهي، تنهن بابت خداوند اڳ ۾ ئي آگاهہ ڪري ڇڏيو هو. هائو، هن پنهنجي انهيءَ قول کي پورو ڪري ڏيکاريو، جيڪو هن قديم زماني ۾ فرمايو هو. هن بنا ڪنهن رحم جي تو کي برباد ڪري ڇڏيو، ۽ تنهنجي دشمنن کي تو تي خوش ٿيڻ ڏنو. هن تنهنجي مخالفن جي لشڪرن جي طاقت کي وڌائي ڇڏيو.


آءٌ خداوند چوان ٿو تہ اهو وقت اچي پهتو آهي ۽ آءٌ ائين ڪري ڏيکاريندس. آءٌ اوهان يروشلم جي ماڻهن تي ڪو رحم نہ ڪندس، نڪي آءٌ اوهان کي سزا ڏيڻ وارو ارادو بدلائيندس. اوهين پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا ضرور ڀوڳيندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


تنهنڪري آءٌ خداوند انهن کي پاتال مان ڪونہ ڪڍندس، نہ وري کين موت کان بچائيندس. اي موت! تنهنجي وبا ڇو دير ڪئي آهي؟ اي قبر! تنهنجي تباهي اڃا ڇو نہ آئي آهي؟ هاڻي آءٌ مٿن ڪوبہ رحم نہ ڪندس.


تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“


ٻنيون ويران ٿي ويون آهن، بلڪ سڄو ملڪ تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. هائو، اناج، انگور ۽ زيتون سڪي سڙي ويا آهن.


اوهان جي ابن ڏاڏن جڏهن مون کي ڪاوڙايو هو، تڏهن مون مٿن مصيبت آڻڻ جو خيال ڪيو هو ۽ جهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي انهيءَ ارادي تي قائم رهيو هئس،


خدا انسان ناهي جو ڪوڙ ڳالهائي، هو آدمزاد ناهي جو پنهنجو ارادو بدلائي. هو جيڪي بہ چوندو آهي سو پورو ڪين ڪندو آهي ڇا؟ هائو، هو جيڪي بہ فرمائيندو آهي سو ضرور ٿيندو آهي.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين هلي.


منجھند جو سڄي ملڪ ۾ اونداهي ڇانئجي ويئي، جيڪا اٽڪل ٽي بجي تائين رهي.


پوءِ سج ڪاراٽجي ويو ۽ منجھند جي مهل کان وٺي اٽڪل ٽي بجي تائين سڄي ملڪ تي اونداهي ڇانيل رهي. تڏهن هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو ڦاٽي ٻہ اڌ ٿي پيو


خدا اسان کي بہ اڳي ئي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪري مسيح ۾ شامل ڪيو. اهو خدا جي ارادي موجب ٿيو جيڪو انهن سڀني ڳالهين ۾ پنهنجي مرضي پوري ڪري ٿو.


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


جڏهن گھيٽڙي ڇهين مُهر ٽوڙي تڏهن مون ڏٺو تہ ڌرتيءَ تي هڪڙو وڏو زلزلو آيو. سج پنهنجي روشني وڃائي ڄڻ ڪارو ويس ڍڪيو ۽ سڄو چنڊ رت جهڙو ڳاڙهو ٿي پيو.


بني اسرائيل جو عظمت وارو خدا، نڪي ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ۽ نہ وري پنهنجو فيصلو بدلائيندو آهي، ڇو تہ هو انسان ناهي جو پنهنجو فيصلو بدلائي ڇڏي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan