Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:27 - Muslim Sindhi Bible

27 انهيءَ سبب جو خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڄي دنيا ويران ٿي ويندي، جيتوڻيڪ اڃا مون ان کي صفا تباهيءَ تي نہ پهچايو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

27 ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:27
29 Iomraidhean Croise  

اهڙيءَ طرح خداوند يرمياہ نبيءَ جي معرفت جيڪي فرمايو هو سو پورو ٿيو تہ ”ملڪ ستر سالن تائين ويران رهندو تہ جيئن اتي جي زمين کي جيڪو سبت يعني آرام ڪونہ مليو هو سو ملي.“


پوءِ بہ تو پنهنجي وڏي رحم جي ڪري کين صفا نيست وَ نابود نہ ڪيو، نہ وري تو کين بلڪل ئي ڇڏي ڏنو، ڇاڪاڻ تہ تون فضل ۽ رحم وارو خدا آهين.


پر جيڪڏهن ان ۾ ڪي ماڻهو بچي بہ ويا تہ اهي ايترا تہ ٿورا هوندا، جيئن ڪنهن ڌوڻو ڏنل زيتون جي وڻ ۾ ڪي ٿورا زيتون وڃي بچندا آهن، ٻہ ٽي داڻا مٿاهين ٽارين ۾، ۽ هيٺاهين ڦلدار ٽارين ۾ رڳو چار پنج داڻا بس. اهو مون خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“


ڏسو، خداوند ڌرتيءَ کي خالي ۽ ويران ڪرڻ وارو آهي. هو انهيءَ کي اٿلائي اونڌو ڪندو، ۽ ان جي رهاڪن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو.


انهيءَ ڪري سندن ملڪ اجڙي برباد ٿي ويندو، ۽ هميشہ لاءِ هڪڙي ڦٽڪار واري شيءِ بڻيل رهندو. اتان لنگھندڙ ماڻهو انهيءَ کي ڏسي دهلجي ويندا ۽ حيرت جو اظهار ڪندا.


هي سڄو ملڪ ويرانو ۽ حيرت جو سبب بڻجي ويندو ۽ هي قومون ستر سالن تائين بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.‘


آءٌ اوهان سان آهيان ۽ اوهان کي بچائيندس. جن قومن ۾ مون اوهان کي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو آڻيندس. آءٌ اوهان کي ختم نہ ڪندس، پر اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مصيبت پٺيان مصيبت ٿي اچي، ۽ سڄو ملڪ ويران ٿي ويو آهي. اوچتو ئي اوچتو اسان جا گھر، اسان جا جھُڳا، هڪ پل ۾ ڀورا ڀورا ٿي ويا آهن.


اهو شينهن جيان پنهنجي چر مان نڪري چڪو آهي، قومن کي ناس ڪندڙ روانو ٿي چڪو آهي. اوهان جي ملڪ کي ويران ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي هنڌان هلي چڪو آهي. توهان جا شهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ منجھن ڪوبہ رهڻ وارو نہ بچندو.


انهيءَ ڪري يروشلم جي گھٽين توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن تي منهنجو قهر ۽ غضب نازل ٿيو، سو مون انهن کي ويران دڙا بڻائي ڇڏيو، جيئن اهي اڄ آهن.


اي منهنجي قوم بني يعقوب! اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. توڙي جو آءٌ انهن سڀني قومن کي صفا ناس ڪري ڇڏيندس، جن ۾ اوهان کي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ اوهان کي ختم نہ ڪندس. ان جي باوجود آءٌ اوهان کي صفا بي‌سزا بہ نہ ڇڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي سيکت ڏيندس، پر انصاف سان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


خداوند ٿو فرمائي تہ ”انهيءَ هوندي بہ انهن ڏينهن ۾ آءٌ پنهنجي قوم کي پوريءَ طرح ناس نہ ڪندس.


اهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي گھٽين مان بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن مان خوشيءَ ۽ سرهائيءَ جي آواز ۽ شادين جي آواز جو خاتمو آڻي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ويران ٿي ويو هوندو.


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


پوءِ جڏهن مون خداوند جو اهو پيغام پئي ٻڌايو، تڏهن اوچتو فلطياہ ولد بناياہ ڪري مري ويو. سو آءٌ منهن ڀر ڪري پيس ۽ وڏي آواز سان پڪاري چيم تہ ”هاءِ! اي خداوند! تون بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي بہ ختم ڪري ڇڏيندين ڇا؟“


انهيءَ هوندي بہ مون پنهنجيءَ دل ۾ هنن لاءِ شفقت رکي. سو مون اهو فيصلو ڪيو تہ آءٌ کين بيابان ۾ نہ ماريان.


آءٌ هن ملڪ کي سڃ ۽ ويران ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي طاقت جو غرور خاڪ ۾ ملائي ڇڏيندس. بني اسرائيل جي ملڪ جو جابلو علائقو اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو ڪوبہ انهيءَ علائقي مان نہ لنگھندو.


هائو، آءٌ هنن تي پنهنجو هٿ کڻندس، ۽ ڏکڻ ۾ بيابان کان وٺي اتر ۾ دبلا شهر تائين سندن سڀني رهڻ وارن هنڌن کي ويران ۽ غيرآباد ڪري ڇڏيندس. پوءِ هو ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.


مون خداوند جي غضب واري ڏينهن هنن جو سون ۽ چاندي بہ کين بچائي نہ سگھندو. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. آءٌ ڌرتيءَ جي هر رهاڪوءَ جو اوچتو ئي خاتمو آڻي ڇڏيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan