نئين سال جي بهار جي موسم ۾ بادشاهہ نبوڪدنضر لشڪر موڪلي هن کي بابل ۾ آڻايو ۽ ساڻس گڏ خداوند جي گھر مان قيمتي شيون بہ آڻايائين ۽ يهوياڪين جي چاچي صدقياہ کي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو بادشاهہ مقرر ڪيائين.
تنهنڪري خداوند مٿن بابل جو بادشاهہ چاڙهي آندو، جنهن سندن جوان ماڻهو هيڪل ۾ بہ ماري ڇڏيا. هن ڪنهن تي بہ رحم نہ ڪيو، نہ جوان مرد تي ۽ نہ جوان عورت تي، نہ ڪراڙي تي ۽ نہ جھُور ڪراڙيءَ تي. خدا انهن سڀني کي انهيءَ بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.
پوءِ مصر جي بادشاهہ نڪوہ جو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ يهوآخز کي تخت تان لاهي ڇڏيائون. نڪوہ بادشاهہ يهوداہ ملڪ کان ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي ۽ پنجٽيهہ ڪلوگرام سون ڍل طور ورتو.