Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 4:11 - Muslim Sindhi Bible

11 انهيءَ وقت هن قوم ۽ يروشلم کي خداوند جو هي پيغام ٻڌايو ويندو تہ ”بيابان مان وارياسن دڙن کان منهنجي قوم ڏانهن تباهيءَ جو واءُ گھُلندو، جيڪو نہ تہ وائر ڪرڻ لاءِ هوندو ۽ نہ صفائيءَ لاءِ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 انهيءَ وقت انهي قوم کي، ۽ يروشلم کي چيو ويندو، تہ بيابان ۾ اُگهاڙين ٽڪرين تان منهنجي قوم جي ڌيءَ ڏانهن جهولو لڳندو، نہ واءُ هڻڻ يا صاف ڪرڻ جي لاءِ؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 4:11
28 Iomraidhean Croise  

هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.


اهو سڀ ڏسي مون چيو تہ ”آہ! مون کي اڪيلو ڇڏي ڏيو، تان‌تہ آءٌ پنهنجي قوم جي برباديءَ تي زاروزار روئان رڙان. اوهين مون کي ڪا تسلي ڏيڻ جي ڪوشش نہ ڪريو.“


تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم کي جلاوطنيءَ جي سزا بيشڪ ڏني. هائو، هن سخت آنڌيءَ جيان اوڀر جا لشڪر آڻي، کين پري ڌڪي ڪڍي ڇڏيو.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


اسين سڀ جو سڀ گناهہ ڪرڻ ڪري پليت ٿي پيا آهيون. ايتري قدر جو اسان جا سمورا ڪم جيڪي سچائيءَ وارا سمجھيا ٿا وڃن، سي بہ حيض لڳل ڪپڙي وانگر پليت ٿي پيا آهن. اسين سڀ سڪل پنن وانگر ڪومائجي ڪري ٿا پئون، ۽ اسان جون بدڪاريون اسان کي هوا وانگر اُڏايو ڇڏين.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ تنهنجي رهاڪن کي ان بُهہ وانگر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندس، جيڪو بيابان جي هوا سان اڏامي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي.


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


خبردار، جيڪي بہ بدڪار آهن تن جي مٿان خداوند جي غضب جو طوفان اچي نازل ٿيندو، هائو، هنن مٿان واچوڙو اچي ڪڙڪندو.


پر اهو هڪڙو سخت واءُ هوندو جيڪو منهنجي طرفان هوندو. انهن تي اها فتويٰ آءٌ خداوند ڏيان ٿو.“


ٻڌو، منهنجي قوم جي دانهن جو آواز پوري ملڪ ۾ گونجي ٿو تہ ”ڇا خداوند صيئون مان هليو ويو آهي؟ ڇا هاڻي هو صيئون جو بادشاهہ ناهي رهيو؟“ خداوند ورندي ٿو ڏئي تہ ”مون اوهان کي ان ڪري ڇڏي ڏنو آهي، جو اوهين پنهنجين اُڪريل مورتين ۽ ڌارين بيڪار بتن کي پوڄي مون کي چڙ ٿا ڏياريو.“


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


سو قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي ڌاتوءَ وانگر پگھاريندس، هائو، آءٌ پنهنجي بڇڙي قوم کي سيکت ڏيندس، انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونهي.


آہ! پنهنجيءَ قوم جي ماڻهن جي ناس ٿيڻ ڪري، ڏک وچان آءٌ دل هاري ويٺو آهيان! منهنجيون اکيون لڙڪ وهائي وهائي ساڻيون ٿي پيون آهن، ۽ منهنجا آنڊا وٽ پيا کائين. منهنجي قوم جا ٻار ۽ کير پياڪ شهر جي گھٽين ۾ بي‌هوش پيا آهن.


آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


بگھڙ جهڙو جانور بہ پنهنجي ٻچن کي ڇاتيءَ سان لائي پنهنجو کير پيئاري ٿو، پر منهنجي قوم جي ماڻهن کي بياباني شتر مرغ وانگر پنهنجي ٻارڙن تي بہ رحم ڪونہ ٿو اچي.


منهنجي قوم وارن کي سندن گناهن جي سزا سدوم وارن جي سزا کان بہ وڌيڪ ڏني ويئي آهي. انهن جي شهر کي تہ هڪ پل ۾ ئي اونڌو ڪيو ويو هو، ۽ ڪو انساني دشمن انهيءَ تي چڙهائي ڪري نہ آيو هو.


بيشڪ انهيءَ ول کي پوکيو تہ ويو آهي، پر ڇا اها سرسبز بہ رهندي؟ ڇا جھولو لڳڻ سان ئي اها بلڪل سڪي سڙي نہ ويندي؟ هائو، اها تہ پنهنجي ٻاريءَ ۾ ئي ڪومائجي ويندي.“


پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو، ۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي. جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.


توڙي جو اوهين ڦلدار وڻن وانگر ٻين کان وڌيڪ ميوو جھليندا، تڏهن بہ سخت جھولو اوهان کي سَٽي وجھندو. هائو، مون خداوند جو جھولو بيابان مان اُٿندو، تڏهن اوهان جا پاڻيءَ جا چشما ۽ کوهہ سڪي ويندا، ۽ اوهان جو هر قيمتي خزانو لٽجي ويندو.


تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.


پر جيئن طوفان ڪنهن کي ويڙهي سيڙهي پنهنجي وڪڙ ۾ کڻي ويندو آهي، تيئن اهي بہ ويڙهجي سيڙهجي کڄي ويندا، ۽ بت‌پرستيءَ جي ڪري اهي ذليل وَ خوار ٿيندا.“


پوءِ هو واچوڙي وانگر سڀڪجھہ ٻهاريندا گذري ٿا وڃن، اهي ڏوهاري پنهنجي قوت کي ئي پنهنجو خدا ٿا سمجھن.“


ڏسو، آءٌ بابلين کي کڙو ڪرڻ وارو آهيان، جيڪا هڪ چيڙاڪ ۽ بدمزاج قوم آهي، جيڪا سڄي دنيا کي ٻهاريندي ٿي وتي ۽ پراين وسندين تي قبضا ڪندي ٿي وتي.


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. پوءِ هو ڪڻڪ کي ميڙي پنهنجي ڀانڊي ۾ رکندو ۽ بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan