Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 39:8 - Muslim Sindhi Bible

8 بابلين عام ماڻهن جي گھرن سان گڏ بادشاهہ جي محل کي بہ باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 39:8
25 Iomraidhean Croise  

بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ستين تاريخ تي محافظ دستي جو سالار نبوزرادان، جيڪو بابل جي بادشاهہ جو هڪڙو عملدار هو، سو يروشلم ۾ اچي پهتو.


بابلين خدا جو گھر ساڙي ڇڏيو ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڊاهي ڇڏيائون. هنن سڀني محلن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ اتي جون سڀ قيمتي شيون ناس ڪري ڇڏيائون.


انهن مون کي ٻڌايو تہ ”جيڪي بابل ڏانهن جلاوطن ٿيڻ کان بچي ويا هئا، سي ڏاڍي ڏک ۽ ذلت ۾ آهن. يروشلم جون ڀتيون اڃا ڀڳل آهن ۽ سندس دروازا اڃا سڙيل آهن.“


انهيءَ سبب جو هنن اسان بني يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي، ۽ اسان جي ديس کي ويران ڪري ڇڏيو اٿائون.


پر قادرِمطلق خدا منهنجي ڪن ۾ قسم کڻي چيو تہ ”يقيناً گھڻا گھر ويران ٿيندا، هائو، وڏن ۽ عمدن گھرن ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“


مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


آءٌ حڪم ڏيئي وري لشڪر کي يروشلم شهر ڏانهن موٽائي وٺي ايندس. هو هن شهر سان جنگ ڪري مٿس قبضو ڪندا ۽ ان کي ساڙي ڇڏيندا. ان کان علاوہ آءٌ يهوداہ جي ٻين شهرن کي بہ اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو منجھن ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“


پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“


ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘


تنهنڪري آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ منهنجو قهر ۽ غضب هن هيڪل تي، انسان ۽ حيوان تي، جھنگلي وڻن ۽ زمين جي پيداوار تي نازل ٿيندو ۽ اهو پيو ٻرندو ۽ اُجھامندو ئي ڪين.“


هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن.


آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.


پروردگار پنهنجي قربان‌گاهہ کان نفرت ڪري ٿو، بلڪ پنهنجي سڄي مقدس هيڪل کان منهن موڙي ڇڏيو اٿس. هن هيڪل جا در ۽ ڀتيون دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي اهي فاتح هيڪل ۾ وڏو گوڙ شور ڪري رهيا آهن، جتي ڪڏهن دل وَ جان سان عبادت ڪئي ويندي هئي.


هو تنهنجي گھرن کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندا ۽ عورتن جا ميڙ پنهنجي اکين سان تو کي سزا کائيندي ڏسندا. پوءِ تون زناڪاري ڪري نہ سگھندينءَ ۽ نہ وري اڳتي پنهنجي يارن کي خرچي ڏيئي سگھندينءَ.


اهو لشڪر انهن کي سنگسار ڪندو ۽ پنهنجي تلوارن سان کين قتل ڪري ڇڏيندو. هو سندن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ڪهي ڇڏيندا ۽ سندن گھر ساڙي رک ڪري ڇڏيندا.


اسان جي جلاوطنيءَ جي ٻارهين سال، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ تي مون وٽ هڪڙو ماڻهو آيو جيڪو يروشلم کان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي ٻڌايو تہ شهر تي بابل وارن جو قبضو ٿي ويو آهي.


تنهنڪري آءٌ يهوداہ ملڪ تي باهہ موڪليندس، جيڪا يروشلم جي محلاتن سميت سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي.“


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan