Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 39:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 39:7
10 Iomraidhean Croise  

صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان قتل ڪيو ويو. پوءِ هن جون اکيون ڪڍيون ويون ۽ کيس زنجيرن ۾ جڪڙي بابل ڏانهن نيو ويو.


آءٌ تنهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪندو رهندس، سو تون مون کي هرگز ڇڏي نہ ڏجانءِ.


آءٌ تو کي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي دوستن لاءِ خوف جو سبب بڻائيندس. تون پنهنجين اکين سان هنن کي سندن دشمنن جي تلوار سان ڪرندو ڏسندين. آءٌ سڀني يهوداہ وارن کي بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪو ڪن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيندو ۽ ڪن کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويندو.


تون بہ هن جي هٿان بچي نہ سگھندين، بلڪ يقيناً پڪڙيو ويندين ۽ ان جي حوالي ڪيو ويندين. تو کي بابل جي بادشاهہ آڏو آندو ويندو ۽ هو تو سان ڳالهائيندو. پوءِ تو کي بابل ڏانهن نيو ويندو.


ڏسو، اها نشاني هيءَ آهي جو آءٌ مصر جي حفرع نالي فرعون کي سندس مخالفن ۽ جاني دشمنن جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جهڙيءَ طرح مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي حوالي ڪيو هو، جيڪو صدقياہ جو مخالف ۽ جاني دشمن هو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍرايون ۽ کيس زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏانهن کڻي ويو، جتي هن کيس سندس مرڻ گھڙيءَ تائين قيد ۾ رکيو.


خداوند هن تي پنهنجو ڄار اڇلائي انهيءَ ۾ کيس ڦاسائيندو. پوءِ هو کيس بابل شهر ڏانهن وٺي ويندو. جيتوڻيڪ هو اتي ئي مري ويندو تہ بہ هو انهيءَ شهر کي ڏسي نہ سگھندو.


پوءِ فلستين اچي پڪڙيس ۽ سندس اکيون ڪڍي ورتائون. هو هن کي غزہ شهر ۾ وٺي آيا، کيس پتل جون ٻيڙيون هنيائون ۽ قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ جي ڪم تي لڳائي ڇڏيائونس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan