Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 39:12 - Muslim Sindhi Bible

12 ”تون يرمياہ کي قيد مان ڪڍي وڃي سندس سنڀال ڪر، کيس ڪوبہ ايذاءُ نہ رسائج. هو تو کي جيڪي چوي سو سندس لاءِ ڪج.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 هن کي وٺي وڃي سندس چڱي سنڀال ڪر ۽ ڪو ايذاءُ نہ رسائينس؛ پر جيئن هو توکي چوي تيئن هن سان ڪج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 39:12
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


دولت هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا ڏسندي ڏسندي ائين اڏاميو وڃي، جيئن ڪو پکي اڏامي هليو ٿو وڃي.


تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”يقيناً نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ آءٌ تو کي قوت بخشيندس. جڏهن مصيبت ۽ تنگيءَ جو وقت ايندو تہ آءٌ تنهنجي مخالفن کان تنهنجي اڳيان نيزاريون ڪرائيندس،


آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


آءٌ هنن تي چڱائيءَ جي نظر ڪندس ۽ موٽائي کين هن ملڪ ۾ آڻيندس. آءٌ هنن کي نہ ڊاهيندس، نڪي پاڙان پٽيندس بلڪ کين اڏائيندس ۽ آباد ڪندس.


سو نبوزرادان، نبوشزبان، ٻيو نيرگل‌سراضر ۽ بابل جي بادشاهہ جي ٻين اعليٰ علمدارن پنهنجا ڪي ماڻهو موڪلي


پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“


جيڪڏهن سندن دشمن کين جلاوطن ڪري وٺي وڃن، تڏهن بہ اُتي آءٌ کين قتل ڪرائي ڇڏيندس. مون انهن جي مدد ڪرڻ جو نہ، بلڪ کين برباد ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي.“


۽ کيس سڀني مصيبتن مان سلامتيءَ سان پار ڪيائين. خدا کيس ڏاهپ سان گڏ فرعون يعني مصر جي بادشاهہ جو راضپو پڻ بخشيو، ايتري قدر جو فرعون يوسف کي مصر ملڪ توڙي پنهنجي پوري محلات جو حاڪم بڻائي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan