Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 39:11 - Muslim Sindhi Bible

11 ان وقت بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان کي هي حڪم ڏنو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 هاڻي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر يرمياہ جي نسبت ۾ پهري وارن جي سردار نبوزرادان کي حڪم ڏنو، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 39:11
12 Iomraidhean Croise  

مگر محتاجن کي خدا انهن ماڻهن جي زبان جي تلوار کان، ۽ زورآورن جي چنبي کان بچائي وٺي ٿو.


سو غريب کي اميد رهي ٿي، ۽ بي‌انصافي پنهنجي زبان بند ڪري ڇڏي ٿي.“


هو تو کي بار بار مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ڪا ئي خرابي تو کي نقصان نہ رسائيندي.


تون انهن کي ڏسي کانئن هرگز نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”يقيناً نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ آءٌ تو کي قوت بخشيندس. جڏهن مصيبت ۽ تنگيءَ جو وقت ايندو تہ آءٌ تنهنجي مخالفن کان تنهنجي اڳيان نيزاريون ڪرائيندس،


آءٌ تو کي هن قوم جي اڳيان پتل جي هڪڙي مضبوط ڀت بڻائيندس. تنهنجا مخالف تو سان وڙهندا پر تو تي غالب اچي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو کي ڇڏائڻ ۽ بچائڻ واسطي تو سان گڏ آهيان.


آءٌ تو کي شريرن جي هٿ کان بچائيندس، هائو، انهن ظالمن جي پڪڙ مان آءٌ تو کي ڇڏائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هاڻ نہ صدقياہ، نڪي سندس عملدارن ۽ نہ وري سندس عوام ئي انهن ڳالهين ڏانهن ڪو ڌيان ڏنو، جيڪي منهنجي معرفت خداوند فرمايون هيون.


جڏهن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي قيدين سان گڏ مون يرمياہ کي بہ زنجيرن ۾ ٻڌي اتان کان بابل ڏانهن جلاوطن ڪري نيو پئي ويو، تڏهن شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان مون کي رامہ شهر ۾ ئي آزاد ڪرائي ڇڏيو. تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو.


پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“


بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي بادشاهيءَ جي اوڻيهين سال، پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ تي نبوزرادان جيڪو شاهي محافظن جو سالار هو ۽ بابل جي بادشاهہ جو عملدار هو، سو يروشلم ۾ داخل ٿيو.


هن پولس جي نگران صوبيدار کي حڪم ڏنو تہ ”هن کي نظربند تہ ڪريو، پر کيس ڪجھہ سهولتون ڏجو ۽ جيڪڏهن هن جا ڪي سنگتي ساٿي سندس خدمت ڪرڻ گھرن تہ کين نہ روڪجو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan