8 تڏهن عبدملڪ محل مان نڪري وڃي بادشاهہ کي عرض ڪيو تہ
8 تڏهن عبد ملڪ بادشاهہ جي گهر مان نڪري وڃي بادشاهہ کي چيو، تہ
بادشاهہ صدقياہ مون کي هي چئي قيد ڪرايو هو تہ ”تون منهنجي خلاف خداوند جي نالي جو پيغام ڇو ٿو ٻڌائيندو وتين؟“ انهيءَ سبب جو مون خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ”آءٌ هي يروشلم شهر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪرڻ وارو آهيان، جيڪو ان تي قبضو ڪري وٺندو.
عبدملڪ سوڊاني، جيڪو بادشاهہ جي محل ۾ ملازم هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ مون کي کوهہ ۾ اڇلايو ويو آهي، انهيءَ وقت بادشاهہ شهر جي بنيامين دروازي وٽ درٻار لڳايو ويٺو هو.
”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“
اي خداوند! تو جهڙو ڪو ٻيو معبود آهي ئي ڪونہ. تون پنهنجي قوم جون بدڪاريون معاف ٿو ڪرين. هائو، تون انهن باقي بچي ويلن جا گناهہ درگذر ٿو ڪرين. تون سدائين ڪاوڙيل نہ ٿو رهين، بلڪ اسان تي پنهنجي دائمي شفقت ڪري تون خوش ٿئين ٿو.