Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 38:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تنهن تي صدقياہ بادشاهہ کين وراڻيو تہ ”هو اوهان جي حوالي آهي، آءٌ اوهان جي راءِ جي مخالفت ڪري نہ ٿو سگھان.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ صدقياہ بادشاهہ چيو تہ ڏس، هو اوهان جي هٿ ۾ آهي: ڇالاءِ جو بادشاهہ اهڙو ناهي جو اوهان جي برخلاف ڪجهہ ڪري سگهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 38:5
10 Iomraidhean Croise  

پر دائود ابي‌شيءَ ۽ سندس ڀاءُ يوآب کي چيو تہ ”اي ضروياہ جا فرزندؤ! اوهان جو انهيءَ ۾ ڪهڙو واسطو، جو اڄ اوهين منهنجا مخالف ٿا بڻجو؟ ڇا آءٌ اهو نہ ٿو ڄاڻان تہ اڄ آءٌ سڄي بني اسرائيل جي مٿان بادشاهہ ٿيو آهيان؟ پوءِ ڇا اڄوڪي ڏينهن بني اسرائيل مان ڪو ماڻهو قتل ڪيو وڃي؟“


جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“


بزدلي ماڻهوءَ کي مشڪلاتن ۾ ڦاسايو ڇڏي، مگر خداوند تي توڪل رکڻ وارو سلامت رهي ٿو.


باقي رهيس آءٌ، سو آءٌ تہ اوهان جي هٿ ۾ آهيان، اوهين جيئن مناسب سمجھو تيئن مون سان ورتاءُ ڪريو.


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


تڏهن بادشاهہ جي حڪم تي دانيال کي وٺي آڻي شينهَن جي ڏر ۾ وڌو ويو. تنهن هوندي بہ بادشاهہ دانيال کي مخاطب ٿي چيو تہ ”شال تنهنجو خدا، جنهن جي ئي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو تو کي بچائي.“


پوءِ هڪڙو پٿر آڻي ڏر جي منهن تي رکيو ويو، جنهن تي بادشاهہ ۽ سندس اميرن پنهنجي پنهنجي مُهر هنئي، انهيءَ لاءِ تہ دانيال کي ڪوبہ ڇڏائي نہ سگھي.


تڏهن سائول سموئيل کي چيو تہ ”مون برابر گناهہ ڪيو آهي. مون خداوند جي حڪم ۽ توهان جي هدايتن جي نافرماني ڪئي آهي، ڇو تہ آءٌ ماڻهن کان ڊنس پئي ۽ انهن جي ڳالهہ مڃيم.


اڪيس دائود کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون منهنجي نظر ۾ خدا جي فرشتن جهڙو نيڪ آهين. مگر فلستين جي سالارن چيو آهي تہ تون اسان سان جنگ تي نہ هل.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan