Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 38:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن انهن عملدارن بادشاهہ کي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي ڳالهين سان انهن سپاهين کي بي‌همت ٿو ڪري جيڪي هن شهر ۾ باقي وڃي بچيا آهن، بلڪ سڄي قوم کي پڻ. هي ماڻهو هن قوم جي خيرخواهي نہ پر بدخواهي ٿو چاهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 38:4
25 Iomraidhean Croise  

جڏهن اخي‌اب الياس کي ڏٺو تڏهن کيس چيائين تہ ”اي منهنجا دشمن! تو مون کي هتي بہ اچي ڳولي لڌو؟“ الياس کيس وراڻيو تہ ”هائو، مون تو کي ڳولي لڌو آهي. تو پاڻ مڪمل طرح اهو ئي ڪم ڪيو آهي جيڪو خداوند جي نظر ۾ برو آهي.


تنهن تي بادشاهہ يوآس ۽ سندس ماڻهو زڪرياہ جي خلاف ٿي پيا. پوءِ بادشاهہ جي حڪم سان هيڪل جي اڱڻ ۾ ئي زڪرياہ کي سنگسار ڪيو ويو.


شهنشاهہ سلامت کي نيڪ روشن هجي تہ جيڪي يهودي اوهان وٽان نڪري اسان وٽ آيا آهن سي يروشلم ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ ان باغي ۽ فسادي شهر کي وري تعمير ڪرڻ لڳا آهن. هنن شهر جي ڀتين جي مرمت شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ هو اُها پوري ڪرڻ تي آهن.


اهي سڀيئي ڄاڻي‌واڻي اسان کي ڊيڄارين پيا تہ جيئن اسين دل شڪستہ ٿي پئون ۽ اهو ڪم پورو نہ ٿي سگھي. پر مون دعا گھري تہ ”اي خدا! تون مون کي همت ڏي.“


تنهن تي مصر جي بادشاهہ هنن کي چيو تہ ”اي موسيٰ ۽ هارون! اوهين هنن ماڻهن کي سندن ڪمن کان ڇو ٿا روڪيو؟ اوهين چاهيو ٿا تہ هن ملڪ ۾ اڪثريت وارا هيترا سارا ماڻهو ڪم کان رڪجي وڃن؟ کين ڇڏي ڏيو تہ وڃي پنهنجو ڪم ڪن.“


منهنجي شهر عنتوت جي رهاڪن مون کي مارڻ ٿي گھريو ۽ انهن مون کي چيو هو تہ ”تون پنهنجو پيغام خداوند جي نالي سان نہ ٻڌائيندو ڪر، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.“


پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن انهن عملدارن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن يروشلم شهر جي خلاف اڳڪٿي ڪئي آهي. جيئن تہ اها ڳالهہ اوهان پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي.“


جن شهرن ۾ مون اوهان کي جلاوطن بڻائي موڪليو آهي، تن جي خير وَ سلامتي طلبيندا رهو ۽ انهن لاءِ مون خداوند کان دعا گھرو، ڇاڪاڻ تہ انهن جي خير وَ سلامتيءَ ۾ اوهان جي خير وَ سلامتي آهي.


پر صدقياہ بادشاهہ ٻين کان لڪ ۾ مون سان هي قسم کنيو تہ ”جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن اسان ۾ ساهہ وڌو آهي تہ نڪي آءٌ تو کي مارائيندس ۽ نہ وري آءٌ تو کي انهن جي حوالي ڪندس جيڪي تنهنجي حياتيءَ جي پٺيان آهن.“


جيڪڏهن عملدارن کي معلوم ٿي ويو تہ مون تو سان ڪا ڳالهہ ٻولهہ ڪئي آهي، تہ پوءِ اهي تو وٽ اچي تو کان پڇندا تہ ’اسان کي ٻڌاءِ تہ تو بادشاهہ کي ڇا چيو آهي ۽ بادشاهہ تو کي ڇا چيو آهي. تون اسان کان ڪجھہ بہ نہ لڪاءِ، نہ تہ اسين تو کي ماري ڇڏينداسين.‘


پر باروڪ ولد نيرياہ تو کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي بابلين جي حوالي ڪيو وڃي تہ جيئن هو اسان کي ماري ڇڏين يا وري اسان کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي وڃن.“


بني اسرائيل جا اڳواڻ چير ڦاڙ ڪندڙ بگھڙن وانگر آهن، جيڪي ماڻهن کي زخم ٿا رسائين يا کين ماري ٿا ڇڏين. ائين ڪرڻ سان اهي اڳواڻ ناجائز فائدو حاصل ڪن ٿا.


تڏهن بيت‌ايل جي ڪاهن امصياہ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام ثانيءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”عاموس تنهنجي خلاف تنهنجي ملڪ جي رهاڪن ۾ فتنو کڙو ڪيو آهي، سندس ڳالهيون ملڪ کي تباهہ ڪري ڇڏينديون.


اتي هو مٿس تهمتون هڻي چوڻ لڳا تہ ”اسان ڏٺو آهي تہ هيءُ ماڻهو اسان جي قوم کي برغلائي ٿو، ماڻهن کي قيصر جي ٽيڪس ڏيڻ کان جھلي ٿو ۽ دعويٰ ٿو ڪري تہ ’آءٌ پاڻ مسيح، يعني مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان.‘“


اتي اعليٰ عملدارن جي اڳيان مٿن شاهدي ڏيندي چيائون تہ ”سائين! هي ماڻهو جيڪي يهودي آهن، تن اسان جي شهر ۾ کڻي گوڙ مچايو آهي


جڏهن اهي اتي نہ ملين تڏهن ياسون ۽ ڪن ٻين ايمان وارن کي گهلي شهر جي عملدارن وٽ وٺي آيا ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳا تہ ”جن ماڻهن سڄيءَ دنيا ۾ گڙٻڙ مچائي آهي سي هتي بہ آيا آهن


هي ماڻهو هڪ وڏو خطرناڪ باغي نڪتو آهي. دنيا جي سڀني يهودين ۾ هن فساد مچايو آهي ۽ ناصرت وارن جي هڪڙي بدعتي فرقي جو اڳواڻ آهي.


سو اسين تنهنجا خيال ٻڌڻ گھرون ٿا، ڇاڪاڻ تہ اسان کي خبر آهي تہ جنهن فرقي سان تون واسطو رکين ٿو، تنهن فرقي جي جتي ڪٿي مخالفت هلي ٿي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan