Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 38:3 - Muslim Sindhi Bible

3 خداوند جا هي لفظ بہ مون ٻڌايا پئي تہ ”هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهو مٿس قبضو ڪري وٺندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 38:3
7 Iomraidhean Croise  

مون پڪو ارادو ڪري ڇڏيو آهي تہ هن شهر کي فائدي جي بدران نقصان رسايان. هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو انهيءَ کي باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.


جيڪو بہ هن شهر ۾ رهندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو. پر جيڪو اتان نڪري اوهان کي گھيرو ڪري ويٺل بابلين آڏو وڃي پيش پوندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.


پر حقيقت ۾ جيڪو شخص بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر يروشلم ۾ رهن ٿا، يعني اوهان جا هم‌وطن جيڪي جلاوطن نہ ڪيا ويا هئا تن سڀني بابت خداوند جو فرمان هي آهي.


پوءِ بابلي واپس اچي هن شهر يروشلم تي ڪاهہ ڪندا. هو انهيءَ تي قبضو ڪري ان کي ساڙي ڇڏيندا.


پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan