Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 38:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تڏهن تون کين ٻڌائج تہ ’مون بادشاهہ کي منٿ ميڙ پئي ڪئي تہ مون کي يونتن جي گھر واري قيدخاني ۾ واپس نہ موڪليو وڃي، جو آءٌ اتي مري ويندس.‘“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 تہ پوءِ تون انهن کي چئج تہ مون بادشاهہ جي حضور ۾ عرض پيش ڪيو تہ مون کي موٽائي يونتن جي گهر نہ موڪلي تہ اُتي وڃي مران.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 38:26
5 Iomraidhean Croise  

بلڪ مردڪئيءَ کيس ان لکيل حڪم جو نقل بہ ڏنو جيڪو يهودين جي ناس ڪرڻ جي لاءِ سوسن شهر مان پڌرو ڪيو ويو هو. هن کيس چيو تہ هو اهو راڻي آستر کي ڏيکاري ۽ حال احوال بيان ڪري ٻڌائيس ۽ کيس تاڪيد ڪري تہ هوءَ شهنشاهہ وٽ وڃي پنهنجيءَ قوم جي پاران کيس منٿون ڪري.


هو مون تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ مون کي چهبڪ هڻائي شاهي محرر يونتن جي گھر ۾ کڻي قيد ڪيائون. ان وقت يونتن جو گھر قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو.


پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“


سو جڏهن سمورا عملدار واقعي مون وٽ آيا ۽ مون کان پڇا ڳاڇا ڪيائون، تڏهن مون کين اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو، جيڪو بادشاهہ مون کي ٻڌائڻ جو حڪم ڏنو هو. سو هنن مون کي وڌيڪ ڪي بہ ڪين چيو، ڇو تہ بادشاهہ سان ٿيل منهنجو گفتگو ڪنهن بہ نہ ٻڌو هو.


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan