يرمياہ 38:2 - Muslim Sindhi Bible2 مون خداوند جو هي فرمان پئي ٻڌايو تہ ”جيڪو بہ هن شهر يروشلم ۾ ترسندو سو جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان مري ويندو، پر جيڪو هتان نڪري بابلين ڏانهن هليو ويندو سو بچي ويندو، اهڙيءَ طرح سندس جان تہ بچي پوندي.“ Faic an caibideilSindhi Bible2 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو. Faic an caibideil |
تنهنڪري آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيئن تہ اوهان پنهنجي قوم وارن کي آزاديءَ جي نعمت کان محروم رکندي منهنجي نافرماني ڪئي آهي، سو مون خداوند وٽ اوهان لاءِ آزاديءَ جي هيءَ نعمت آهي تہ هاڻ ڀلي اوهين جنگ، وبا ۽ ڏڪار سان وڃي منهن ڏيو. اوهان جي اهڙي حالت ٿيندي جو اوهان کي ڏسي دنيا جي سڀني بادشاهتن کي هيبت وٺي ويندي.