Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 38:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 انهي طرح هنن رسن سان يرمياہ کي مٿي ڪيو، ۽ بهري مان ڪڍي ٻاهر آندائونس: ۽ يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 38:13
17 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن اهي مدياني سوداگر اتان اچي لانگھائو ٿيا تہ يوسف جي ڀائرن يوسف کي کوهہ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ اسماعيل قبيلي وارن جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي کيس وڪڻي ڇڏيائون. اهي سوداگر يوسف کي مصر ڏانهن وٺي هليا ويا.


۽ کين منهنجو هي حڪم ٻڌايو تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيل ۾ وجھو ۽ کيس تنگيءَ سان ماني ۽ پاڻي ڏيو، جيستائين بادشاهہ سلامتيءَ سان موٽي نہ اچي.‘“


ڀت جي موڙ جي سامهون واري حصي جي ۽ جيڪو ٺُلهہ پهري وارن جي پڌر جي ڀر ۾ بادشاهي محل جي مٿئين حصي کان نڪتل آهي، تنهن کان وٺي فلال ولد اوزيءَ ڀت جي تعمير ڪئي. انهيءَ کان پوءِ فداياہ ولد پرعوس


خوني ماڻهو ايماندارن کان نفرت ٿا ڪن، مگر سچار انهن ايماندارن جي جان بچائڻ جي ڪوشش ٿا ڪن.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“


ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


عبدملڪ مون کي چيو تہ ”اهي پراڻيون اڳڙيون ۽ ڦاٽل ڪپڙا رسن ۽ پنهنجي بغلن جي وچ ۾ رک.“ مون ائين ئي ڪيو.


اهڙيءَ طرح آءٌ ان ڏينهن تائين شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد رهيس، جيستائين يروشلم تي ٻين جو قبضو ٿي ويو.


سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.


هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ، ۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ.


تڏهن پولس کي چيائين تہ ”آءٌ تنهنجو بيان انهيءَ مهل وٺندس، جڏهن تنهنجا مخالف بہ پهچندا.“ پوءِ هن حڪم ڏنو تہ ”هن کي گورنر واري محلات ۾ پهري هيٺ رکيو وڃي.“


پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan