Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 38:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن عبدملڪ کي بادشاهہ حڪم ڏنو تہ ”تون هتان پاڻ سان ٽي ماڻهو وٺي وڃ ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳ ۾ ئي کوهہ مان ٻاهر ڪڍي وٺ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 تڏهن بادشاهہ عبد ملڪ ڪوشيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ هتان پاڻ سان ٽيهہ ماڻهو وٺي وڃ، ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳي ٻاهر ڪڍ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 38:10
7 Iomraidhean Croise  

جڏهن شهنشاهہ راڻي آستر کي ايوان جي آڏو بيٺل ڏٺو، تڏهن هو راڻيءَ تي مهربان ٿيو ۽ سندس هٿ ۾ جيڪا سوني شاهي لٺ هئي سا آستر ڏانهن وڌايائين. آستر اڳتي وڌي اچي لٺ جي چوٽيءَ کي ڇهيو.


تڏهن شهنشاهہ اخسويرس راڻي آستر ۽ مردڪئي يهوديءَ کي چيو تہ ”ڏسو، جيئن تہ هامان يهودين لاءِ برو چاهيو هو، تنهنڪري مون سندس سڄي ساري ملڪيت آستر کي ڏني آهي ۽ هامان کي ڦاسي ڏني ويئي آهي.


هو ئي بڇڙن ماڻهن جو رتبو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيندو، پر سچار ماڻهن جو رتبو بلند ڪندو.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


سو عبدملڪ سوڊاني پاڻ سان ماڻهو وٺي بادشاهہ جي محل ۾ خزاني واري ڪمري جي هيٺان ويو. اتان هن پراڻا ڦاٽل ڪپڙا ۽ پراڻيون اڳڙيون ڪڍيون ۽ اهي رسن ذريعي هيٺ لاهي مون کي ڏنائين.


عبدملڪ سوڊاني، جيڪو بادشاهہ جي محل ۾ ملازم هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ مون کي کوهہ ۾ اڇلايو ويو آهي، انهيءَ وقت بادشاهہ شهر جي بنيامين دروازي وٽ درٻار لڳايو ويٺو هو.


”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan