Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 37:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ بابلي واپس اچي هن شهر يروشلم تي ڪاهہ ڪندا. هو انهيءَ تي قبضو ڪري ان کي ساڙي ڇڏيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ ڪسدي وري ايندا ۽ هن شهر سان وڙهندا؛ ۽ هو انهي کي وٺندا؛ ۽ باهہ سان ساڙيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 37:8
9 Iomraidhean Croise  

”جنگ جا جيڪي هٿيار تنهنجي لشڪر جي هٿن ۾ آهن ۽ جن سان اهي ڪوٽ جي ٻاهران گھيرو ڪري ويٺل بابل جي بادشاهہ ۽ سندس لشڪر سان وڙهن ٿا، سي ڦيرائي آءٌ اوهان تي استعمال ڪرائيندس. آءٌ اوهان جا هٿيار هن شهر جي وچ ۾ ڍير ڪرائيندس.


بابلي شهر تي حملو ڪري انهيءَ ۾ اندر داخل ٿيندا ۽ شهر کي باهہ ڏيئي ساڙيندا. انهن گھرن کي بہ ساڙيو ويندو، جن جي ڇتين تي بعل ديوتا جي لاءِ لوبان ساڙيو ويندو آهي ۽ ٻين غير معبودن جي لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون وينديون آهن، جنهن ڪري مون کي ڪاوڙ آئي آهي.


پوءِ بابلين جو لشڪر جيڪو اوهان تي حملو ڪري ايندو، تنهن کي جيڪڏهن اوهين شڪست بہ کڻي ڏيو ۽ سندن خيمي‌گاهہ ۾ رڳو زخمي ئي وڃي بچن، تہ بہ اهي ٻاهر نڪري هن شهر کي ضرور ساڙي ڇڏيندا.“


پر جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ نہ مڃيندين، تہ پوءِ جڏهن بابلي هن شهر تي قبضو ڪري وٺندا تڏهن انهيءَ کي ساڙي ڇڏيندا ۽ تون بہ انهن جي هٿان بچي نہ سگھندين.‘“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


خداوند جا هي لفظ بہ مون ٻڌايا پئي تہ ”هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهو مٿس قبضو ڪري وٺندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan