Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 37:5 - Muslim Sindhi Bible

5 فرعون جو لشڪر مصر مان نڪري چڪو هو، سو يروشلم کي گھيري هيٺ رکيو ويٺل بابلين جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو يروشلم کي ڇڏي هليا ويا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 37:5
7 Iomraidhean Croise  

مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو، ڇاڪاڻ تہ بابل جي بادشاهہ مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي قبضي هيٺ آيل سمورو علائقو پنهنجي قبضي ڪري ڇڏيو هو.


آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.


جڏهن فرعون جي لشڪر جي ڊپ کان بابلين جو لشڪر يروشلم ڇڏي ڀڄي هليو ويو،


تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو


۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.


پر يهوداہ جي بادشاهہ ساڻس بغاوت ڪئي ۽ پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ هو کيس گھوڙا ۽ وڏو لشڪر ڏياري موڪلي. ڇا اهو بادشاهہ ڪامياب ٿيندو؟ ڇا هو اهڙا ڪم ڪري بابل جي بادشاهہ کان بچي ويندو؟ ڇا هو عهد اقرار ٽوڙي سزا کان بچي سگھندو؟


پر جڏهن بابل وارا يهوداہ جي شهرن تي حملو ڪندي مٽيءَ جا دِڪا ٺاهيندا ۽ مورچا اڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ يهوداہ جي ماڻهن کي ماري ڇڏين، تڏهن فرعون پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ماڻهن جي وڏي انبوہ هوندي بہ جنگ ۾ يهوداہ جي مدد ڪري نہ سگھندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan