Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 37:21 - Muslim Sindhi Bible

21 تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 37:21
35 Iomraidhean Croise  

پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي


ڏڪار ۾ هو تو کي موت کان بچائيندو، ۽ جنگ ۾ پڻ تلوار جي ڌار کان بچائيندو.


اهي خراب وقتن ۾ بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڏسندا، بلڪ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ سدائين ڍاول رهندا.


اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تان‌تہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.


جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


مون کي مار ڏياري ۽ پوءِ پڪڙي هيڪل ۾ بنيامين نالي مٿئين دروازي وٽ مون کي زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيائين.


ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


سو خداوند جي فرمان موجب منهنجو سؤٽ حنم‌ايل انهيءَ اڱڻ واري ڪمري ۾ مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين تہ ”منهنجي جيڪا ٻني بنيامين جي علائقي ۾ عنتوت شهر ۾ آهي، سا تون پنهنجي لاءِ خريد ڪر، ڇاڪاڻ تہ اها اباڻي ٻني خريد ڪرڻ جو حق تنهنجو ئي آهي.“ مون ڄاتو ٿي تہ اهو خداوند جو حڪم آهي،


آءٌ يرمياہ جڏهن اڃا محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن خداوند جو فرمان ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو.


اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.


اهڙيءَ طرح آءٌ ان ڏينهن تائين شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد رهيس، جيستائين يروشلم تي ٻين جو قبضو ٿي ويو.


سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.


”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“


پوءِ شهر ۾ اهڙو تہ سخت ڏڪار اچي پيو جو ماڻهن جي کائڻ لاءِ کاڌو ئي نہ رهيو، تڏهن ساڳئي سال چوٿين مهيني جي نائين تاريخ تي


بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب، اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي.


پر اوهين پهريائين هن جي بادشاهيءَ ۽ سچائيءَ جي ڳولا ۾ رهو تہ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


جڏهن پطرس جيل ۾ پهري هيٺ هو، تڏهن ڪليسيا جي ماڻهن هن لاءِ دل وَ جان سان خدا کان دعائون پئي گھريون.


پر ٻن سالن گذرڻ کان پوءِ فِيلڪس جي جاءِ تي پرڪيس فيستس کي گورنر مقرر ڪيو ويو. فِيلڪس پولس کي جيل ۾ ئي ڇڏي هليو ويو، ڇو تہ سندس مرضي هئي تہ انهيءَ طرح هو يهودين کي خوش ڪري.


جڏهن اسين روم ۾ پهتاسين تہ پولس کي ڪنهن گھر ۾ اڪيلي رهڻ جي اجازت ملي، جڏهن تہ هڪ سپاهي سندس پهري تي بيهاريو ويو.


پولس ٻن سالن تائين پنهنجي مسواڙ واري جاءِ ۾ رهيو، جتي هو انهن جو آڌرڀاءُ ڪندو هو جيڪي ساڻس ملڻ ايندا هئا.


تنهنڪري آءٌ، جيڪو خداوند عيسيٰ جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ خدا اوهان کي سڏيو آهي، اهڙي ئي لائق زندگي گذاريو.


انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. دعا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.


تنهنڪري اسان جي خداوند عيسيٰ بابت شاهدي ڏيڻ کان شرم نہ ڪر. نڪي مون کان شرم ڪر جيڪو سندس واسطي قيدي آهيان. ان جي بدران خدا کان ملندڙ طاقت سان خوشخبريءَ جي خاطر سختي سهڻ ۾ مون سان شريڪ ٿيءُ.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر خدا جي پيغام کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan