Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 37:19 - Muslim Sindhi Bible

19 تون پنهنجي انهن نبي سڏائيندڙن کي تہ ڪا سزا نہ ٿو ڏين، جن ڪوڙي اڳڪٿي ڪري تو کي چيو هو تہ ’بابل جو بادشاهہ تو تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 37:19
16 Iomraidhean Croise  

اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ وراڻيو تہ ”نہ ائين نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان ٽنهي کي گڏ ڪيو آهي تہ جيئن هو اسان کي موآب جي بادشاهہ جي حوالي ڪري.“


ڀلا، ان وقت اوهان جا اهي معبود ڪٿي هوندا آهن، جيڪي اوهان پنهنجي لاءِ جوڙيا آهن؟ جيڪڏهن اُهي اوهان کي مصيبت مان بچائي سگھن تہ ڀلي اچي اوهان کي بچائين. اي يهوداہ! جيترا تنهنجا شهر آهن اوترا ئي تو ۾ معبود آهن.“


جيڪي مون خداوند جي فرمان جي توهين ٿا ڪن، تن کي هو چوندا ٿا وتن تہ ’خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير وَ سلامتي هوندي،‘ هائو، جيڪي پنهنجي هوڏ تي هلندڙ آهن، تن کي هو چون ٿا تہ ’اوهان تي ڪابہ آفت ڪانہ ايندي.‘“


”سڀني جلاوطن ماڻهن ڏانهن سمعياہ نخلاميءَ بابت مون خداوند جو هي پيغام ڏياري موڪل تہ ’جيئن تہ سمعياہ اوهان اڳيان نبيءَ جي حيثيت ۾ ڳالهيون ڪيون آهن، توڙي جو مون کيس نہ موڪليو آهي ۽ اوهان کي ڪوڙ تي يقين ڪرايو اٿس،


منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.


منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا ٿا وتن، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.


تنهنجي نبي سڏائيندڙن تو سان دوکو ڪري ڪوڙيون رويائون ۽ غلط پيغام ٻڌايا. کين تو کي تنبيهہ ڪرڻ گھربي هئي، تہ جيئن تون بدڪارين کان پري رهي ڪري اهڙي خوشحال ۽ صحيح سلامت رهين جهڙي اڳئين زماني ۾ هئينءَ. پر هنن تو کي ڪوڙيون ۽ گمراهہ ڪندڙ ڳالهيون ڪري ٻڌايون.


”اي حزقي‌ايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن.


سندن رويائون ڪوڙيون آهن ۽ سندن غيبداني ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهي. اهي دعويٰ ٿا ڪن تہ اهي مون خداوند جو پيغام ٿا ٻڌائين، جڏهن تہ مون هنن کي موڪليو ئي ڪونهي. پوءِ بہ هو بني اسرائيل کي اهو آسرو ٿا ڏين تہ آءٌ سندن ڳالهہ پوري ڪندس.


هائو، اهي جن سدائين اوهان جي قربانين جو سڻڀو مال پئي کاڌو ۽ اوتڻ وارين قربانين جي مئي ٿي پيتائون. هاڻ ڀل تہ اهي اُٿي اچن ۽ اوهان جي مدد اچي ڪن، ڀل اُهي اچي اوهان جو بچاءُ بڻجن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan