Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 37:15 - Muslim Sindhi Bible

15 هو مون تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ مون کي چهبڪ هڻائي شاهي محرر يونتن جي گھر ۾ کڻي قيد ڪيائون. ان وقت يونتن جو گھر قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ۽ امير يرمياہ تي ڪاوڙيا، ۽ هن کي مار ڏنائون، ۽ يونتن منشيءَ جي گهر ۾ کڻي قيد ڪيائونس؛ ڇالاءِ جو هنن اُهو قيدخانو بنايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 37:15
27 Iomraidhean Croise  

سو يوسف کي کڻي انهيءَ جيل ۾ وڌائين جنهن ۾ بادشاهہ جا ٻيا قيدي بند هئا ۽ هو انهيءَ جيل ۾ رهڻ لڳو.


انهيءَ ڳالهہ تي آسا ڏاڍو ڪاوڙيو، سو حناني غيبدان کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪن ٻين ماڻهن تي بہ ظلم ڪيو.


۽ کين منهنجو هي حڪم ٻڌايو تہ ’هن کي قيد ۾ وجھو ۽ تنگيءَ سان ماني ۽ پاڻي ڏيوس، جيستائين بادشاهہ سلامتيءَ سان موٽي نہ اچي.‘“


پر اي خداوند! تون هنن جون اهي سڀ سازشون ڄاڻين ٿو، جيڪي مون کي مارڻ لاءِ رٿيون اٿائون. سو تون هنن جي بدڪاري کين معاف نہ ڪر، هائو، سندن گناهن کي نظرانداز نہ ڪر، بلڪ هنن کي پنهنجي آڏو اونڌو ڪري ڪيراءِ. هائو، پنهنجو غضب نازل ڪري کين سزا ڏي.“


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“


ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


پر هاڻي اي بادشاهہ سلامت! منهنجي ڳالهہ تي ڪجھہ ڌيان ڏيو، منهنجو هي عرض قبول ڪريو جو مون کي موٽائي شاهي محرر يونتن جي گھر نہ موڪليو، نہ تہ آءٌ اتي مري ويندس.“


ان وقت تائين آءٌ آزاديءَ سان ماڻهن منجھہ ايندو ويندو هئس، ڇاڪاڻ تہ اڃا مون کي قيد نہ ڪيو ويو هو.


تڏهن تون کين ٻڌائج تہ ’مون بادشاهہ کي منٿ ميڙ پئي ڪئي تہ مون کي يونتن جي گھر واري قيدخاني ۾ واپس نہ موڪليو وڃي، جو آءٌ اتي مري ويندس.‘“


سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.


جڏهن آءٌ شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ


پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون.


ڏسو، آءٌ اوهان ڏانهن نبي، سياڻا ماڻهو ۽ عالم موڪلي رهيو آهيان. اوهين انهن مان ڪن کي قتل ڪري ڇڏيندا، ڪن کي صليب تي چاڙهيندا ۽ ڪن کي پنهنجن عبادت‌خانن ۾ چهبڪ هڻندا ۽ کين ستائڻ لاءِ شهر بہ شهر سندن پيڇو ڪندا رهندا.


سندس اکيون ٻڌي منهن تي چماٽون هڻي پڇنس پيا تہ ”نبوت سان ٻڌاءِ تہ ڪنهن تو کي ڌڪ هنيو؟“


جڏهن عيسيٰ هي چيو تہ ڀرسان بيٺل پهريدارن مان هڪڙي سندس منهن تي چماٽ هڻي چيس تہ ”وڏي سردار ڪاهن کي ائين ٿو جواب ڏئين!“


۽ کين گرفتار ڪري جيل ۾ وڌائون.


کين چيو تہ ”اسان اوهان کي سخت تاڪيد ڪيو هو تہ عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏيو. پر اٽلندو اوهان سڄي يروشلم ۾ پنهنجي تعليم پکيڙي ڇڏي آهي، جنهن ۾ اسان کي انهيءَ ماڻهوءَ جي موت جو ذميوار بہ بڻايو ٿا.“


تنهن هوندي بہ هنن رسولن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين.


جيڪي تڪليفون اوهان کي سهڻيون پون تن کان نہ ڊڄجو. ياد رکو تہ ابليس آزمائڻ لاءِ اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجھرائيندو ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان کي ستايو ويندو. اوهين مرڻ گھڙيءَ تائين ايمان تي قائم رهو تہ آءٌ اوهان کي زندگيءَ جو تاج پارائيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan