Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 36:8 - Muslim Sindhi Bible

8 باروڪ ائين ئي ڪيو جيئن مون کيس چيو هو. هو خداوند جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي هيڪل ڏانهن روانو ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 36:8
9 Iomraidhean Croise  

عزرا پرهہ ڦٽيءَ کان وٺي منجھند تائين انهيءَ کُليل ميدان ۾ جيڪو پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اهو ڪتاب پڙهي ٻڌايو ۽ سڀني اهو ڌيان سان پئي ٻڌو.


سو تون سندرو ٻڌي تيار ٿيءُ! جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو وڃي انهن کي ٻڌاءِ. انهن کان نہ ڊڄ، نہ تہ آءٌ تو کي انهن اڳيان گھڻو ڊنل بڻائيندس.


پوءِ مون پنهنجي سؤٽ حنم‌ايل، دستاويز ۾ ڄاڻايل شاهدن ۽ اڱڻ واري ڪمري ۾ ويٺل ٻين يهوداہ وارن جي روبرو خريداريءَ واري دستاويز جون ٻئي ڪاپيون باروڪ ولد نيرياہ ولد محسياہ کي ڏيئي ڇڏيون.


سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.


تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن.


پوءِ عيسيٰ پنهنجي شاگردن کي چيو تہ ”جيڪڏهن ڪو منهنجي پٺيان هلڻ گھري تہ هو پنهنجي خوديءَ کي ماري ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان هلي.


جيڪڏهن تيمٿيس اوهان وٽ پهچي تہ سندس خيال رکجو تہ جيئن هو اوهان سان بي‌ڊپو ٿي رهي، ڇاڪاڻ تہ مون وانگر هو بہ خداوند جي خدمت جو ڪم پيو ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan