Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 36:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ مون باروڪ کي هدايت ڪئي تہ ”جيئن تہ مون کي منع ڪئي ويئي آهي، سو آءٌ خداوند جي گھر ۾ نہ ٿو وڃي سگھان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 36:5
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ هڪ ڏينهن آءٌ سمعياہ ولد دلاياہ ولد مهيطبيل جي گھر ويس جيڪو گھر ۾ نظربند هو. هن مون کي چيو تہ ”اچ تہ خدا جي گھر ۾ گڏ ٿي هيڪل جا دروازا بند ڪري ڇڏيون، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تو کي قتل ڪرڻ ٿا گھرن. هائو، رات جو هو تو کي قتل ڪرڻ لاءِ ايندا.“


تو منهنجي ويجھن ساٿين کي مون کان پري ڪيو آهي، سندن نظر ۾ تو مون کي ڪراهت جهڙو ڪري ڇڏيو آهي. آءٌ اهڙي بند ۾ پيو آهيان جنهن مان بچي نڪري نہ ٿو سگھان.


مون کي مار ڏياري ۽ پوءِ پڪڙي هيڪل ۾ بنيامين نالي مٿئين دروازي وٽ مون کي زنجيرن ۾ ٻڌرائي ڇڏيائين.


پوءِ مون پنهنجي سؤٽ حنم‌ايل، دستاويز ۾ ڄاڻايل شاهدن ۽ اڱڻ واري ڪمري ۾ ويٺل ٻين يهوداہ وارن جي روبرو خريداريءَ واري دستاويز جون ٻئي ڪاپيون باروڪ ولد نيرياہ ولد محسياہ کي ڏيئي ڇڏيون.


ان وقت بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم کي گھيرو ڪيو ويٺو هو ۽ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ جي شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


آءٌ يرمياہ جڏهن اڃا محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد هئس، تڏهن خداوند جو فرمان ٻيو ڀيرو مون تي نازل ٿيو.


هو مون تي ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ مون کي چهبڪ هڻائي شاهي محرر يونتن جي گھر ۾ کڻي قيد ڪيائون. ان وقت يونتن جو گھر قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو هو.


اهڙيءَ طرح آءٌ ان ڏينهن تائين شاهي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد رهيس، جيستائين يروشلم تي ٻين جو قبضو ٿي ويو.


سو هنن مون کي شهزادي ملڪياہ جي اونهي کوهہ ۾ وڌو، جيڪو محل واري اڱڻ ۾ هو. مون کي رسن جي ذريعي کوهہ ۾ هيٺ لاٿو ويو. کوهہ ۾ پاڻي ڪونہ هو، رڳو گپ هئي، جنهن ۾ آءٌ گچي پيس.


پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ آءٌ ديواني وانگر ڳالهايان ٿو تہ آءٌ انهن کان بهتر خادم آهيان. مون انهن کان وڌيڪ سخت محنت ڪئي آهي. آءٌ انهن کان ڪيترائي دفعا وڌيڪ قيد ۾ رهيو آهيان. مون انهن کان وڌيڪ چهبڪ کاڌا آهن. آءٌ گھڻا ئي دفعا موت جي منهن ۾ ويو آهيان.


انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ دعا ٿو گھران.


انهيءَ خوشخبريءَ لاءِ مسيح مون کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ جي ٻڌائڻ ڪري آءٌ قيد ۾ زنجيرن سان ٻڌل آهيان. دعا ڪريو تہ اها بنا ڪنهن ڊپ جي ٻڌائيندو رهان، جيئن مون کي ٻڌائڻ کپي.


اها خوشخبري ٻڌائڻ جي ڪري ئي آءٌ تڪليفون ٿو سهان، ايتري قدر جو ڪنهن ڏوهاريءَ وانگر قيد ۾ پيو آهيان. پر خدا جي پيغام کي قيد ڪري نہ ٿو سگھجي.


ڪن ماڻهن کي کِل ٺٺوليءَ جو نشانو بڻائي چهبڪ هنيا ويا، ايتري قدر جو کين زنجيرن سان ٻڌي قيد ۾ وڌو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan