Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 36:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سو مون باروڪ ولد نيرياہ کي سڏايو ۽ اهي سڀ ڳالهيون باروڪ کي چوندو ويس جيڪي خداوند مون کي فرمايون هيون. باروڪ انهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي تي لکندو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 36:4
22 Iomraidhean Croise  

پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي يسعياہ! هاڻي تون منهنجو اهو پيغام منهنجي قوم آڏو هڪڙي دستاويز ۾ لکي ڇڏ، تان‌تہ اهو هنن لاءِ هميشہ جي شاهدي رهي،


خداوند مون يسعياہ کي فرمايو تہ ”تون اورياہ ڪاهن ۽ زڪرياہ بن يبرڪياہ کي شاهد بڻاءِ، جيڪي ڀروسي جوڳا آهن، پوءِ هڪڙي وڏي تختي کڻ ۽ انهيءَ تي صاف اکرن ۾ هي لک تہ ’فوري حملو، تڪڙ ۾ لٽ جو مال.‘“


آءٌ انهيءَ ملڪ تي اهي سڀ برباديون آڻيندس جيڪي انهيءَ جي خلاف آءٌ اڳي ئي چئي چڪو آهيان، يعني اهي سڀ جيڪي يرمياہ نبيءَ سڀني قومن جي خلاف پيشن‌گوئيون ڪري ٻڌايون هيون ۽ جيڪي سندس ڪتاب ۾ لکيل آهن.


”آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ هڪڙي ڪتاب ۾ لک.


پوءِ مون پنهنجي سؤٽ حنم‌ايل، دستاويز ۾ ڄاڻايل شاهدن ۽ اڱڻ واري ڪمري ۾ ويٺل ٻين يهوداہ وارن جي روبرو خريداريءَ واري دستاويز جون ٻئي ڪاپيون باروڪ ولد نيرياہ ولد محسياہ کي ڏيئي ڇڏيون.


تڏهن سڀني عملدارن يهودي ولد نتنياہ ولد سلمياہ ولد ڪوشيءَ هٿان باروڪ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”چمڙي وارو اهو ويڙهوٽو جنهن مان تو ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو آهي سو پاڻ سان کڻي اچ.“ سو باروڪ اهو ويڙهوٽو پنهنجي هٿ ۾ کڻي هنن وٽ آيو.


تڏهن بادشاهہ يهودي نالي انهيءَ ماڻهوءَ کي موڪليو تہ وڃي چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي اچي. يهودي وڃي شاهي محرر اليسمع جي ڪوٺيءَ مان اهو کڻي آيو ۽ بادشاهہ ۽ ان جي ڀر ۾ بيٺل عملدارن کي اهو پڙهي ٻڌايائين.


جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو.


اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.


جڏهن بادشاهہ اُهو ويڙهوٽو ساڙي ڇڏيو جنهن تي اهي ڳالهيون لکيل هيون جيڪي مون يرمياہ باروڪ کان لکرايون هيون، تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو تہ


”تون چمڙي جو ٻيو ويڙهوٽو کڻ ۽ انهيءَ ۾ ان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀيئي ڳالهيون لکراءِ، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏيو آهي.


تڏهن مون يرمياہ ٻيو ويڙهوٽو کڻي باروڪ ولد نيرياہ ڪاتب کي ڏنو ۽ انهيءَ ۾ هن کان پهرئين ويڙهوٽي واريون سڀ ڳالهيون لکرايم، جيڪو ويڙهوٽو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم باهہ ۾ ساڙي ڇڏيو هو. انهيءَ کان علاوہ انهن جهڙيون ٻيون بہ گھڻيون ئي ڳالهيون ان ۾ شامل ڪيون ويون.


تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن.


پر باروڪ ولد نيرياہ تو کي اسان جي خلاف ڀڙڪائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي بابلين جي حوالي ڪيو وڃي تہ جيئن هو اسان کي ماري ڇڏين يا وري اسان کي قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي وڃن.“


مون يرمياہ هي پيغام سراياہ ولد پنرياہ ولد محسياہ کي ان وقت ڏنو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان سندس بادشاهيءَ جي چوٿين سال بابل ڏانهن پئي ويو. سراياہ بادشاهہ جو خاص خدمتگار هو.


مون هي سڀ مصيبتون، جيڪي بابل تي اچڻيون هيون سي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ لکي ڇڏيون هيون. ان کان علاوہ بابل جي بنسبت ٻيون سڀ ڳالهيون پڻ ان ۾ لکيون ويون هيون.


پوءِ جڏهن مون نهاري ڏٺو تہ ڇا ڏسان تہ هڪڙو هٿ مون ڏانهن وڌيو ۽ ڏٺم تہ انهيءَ ۾ هڪڙو چمڙي جو ويڙهوٽو هو.


بابل جي بادشاهہ بيلشضر جي شهنشاهيءَ جي پهرئين سال آءٌ دانيال هڪ رات پنهنجي بستري تي ستو پيو هئس تہ مون هڪ رويا ڏٺي. پوءِ مون اها رويا لکي ڇڏي، جنهن جو خلاصو هن طرح آهي.


مون وري رويا ڏٺي، جنهن ۾ چمڙي جو هڪڙو ويڙهوٽو اڏامندي ڏٺم.


آءٌ ترتيس، جنهن کان هي خط لکرايو وڃي ٿو، سو بہ خداوند عيسيٰ ۾ اوهان کي سلام ٿو چوان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan