Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 36:22 - Muslim Sindhi Bible

22 جيئن تہ اها سياري جي موسم هئي، سو بادشاهہ پنهنجي محل جي سياري واري رهائش‌گاهہ جي درٻار ۾ ويٺو هو ۽ سندس اڳيان مچ پئي ٻريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 هاڻي بادشاهہ نائين مهيني ۾ سياري واري گهر ۾ ويٺو هو: ۽ سندس اڳيان اڳيٺيءَ ۾ باهہ پئي ٻري.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 36:22
6 Iomraidhean Croise  

تڏهن يهوداہ ۽ بنيامين علائقن جا سڀيئي مرد ٽن ڏينهن جي اندر نائين مهيني جي ويهين تاريخ تي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا. اهي سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر اڳيان کُليل ميدان ۾ ويٺا رهيا ۽ ان واقعي ۽ سخت برسات جي ڪري ڏاڍا ڏکيارا هئا.


پر ان جي بدران اي منهنجي قوم! تو هڪ بي‌وفا زال وانگر مون سان بي‌وفائي ڪئي آهي. آءٌ خداوند ائين ٿو چوان.“


اهو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ولد يوسياہ جي بادشاهيءَ جي پنجين سال جو نائون مهينو هو، جڏهن يروشلم جي سڀني ماڻهن توڙي يهوداہ جي ٻين شهرن کان يروشلم ۾ آيل سڀني ماڻهن خداوند جي راضپي حاصل ڪرڻ لاءِ روزو رکيو.


آءٌ سياري توڙي اونهاري وارا گھر برباد ڪري ڇڏيندس. عاج سان سينگاريل گھر چٽ ٿي ويندا، ۽ ٻيا بہ گھڻا ئي گھر ناس ٿي ويندا.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


جيئن تہ بادشاهہ ان وقت پنهنجي هوادار ماڙيءَ ۾ اڪيلو ويٺو هو، سو اهود سندس ويجھو آيو ۽ کيس چيائين تہ ”مون کي توهان لاءِ خدا جي طرفان هڪڙو پيغام مليو آهي.“ تنهن تي بادشاهہ پنهنجي جاءِ تان اُٿي بيٺو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan