Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 36:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ عملدارن باروڪ کي چيو تہ ”تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو ۽ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ اوهين ڪٿي آهيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 36:19
12 Iomraidhean Croise  

”هتان هليو وڃ ۽ اوڀر طرف ڦري اردن درياءَ جي اوڀر ۾ ڪريت نالي برساتي نهر ۾ وڃي پاڻ کي لڪاءِ.


خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ اهڙي ڪابہ قوم يا بادشاهت ڪانهي جيڏانهن منهنجي مالڪ اوهان کي ڳولڻ لاءِ ماڻهو نہ موڪليا هجن. جڏهن انهيءَ قوم يا بادشاهت چيو تہ ’الياس هتي اسان وٽ ڪونهي‘ تڏهن هن انهن کان قسم کڻائي ٿي پڇيو تہ واقعي ئي اوهين انهن وٽ ڪين هئا.


جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


انهيءَ ڪري خداوند امصياہ تي سخت ناراض ٿيو، ۽ وٽس هڪڙو نبي موڪليائين، جنهن اچي امصياہ کي چيو تہ ”تون غير قومن جي انهن معبودن جو طالب ڇو ٿيو آهين، جيڪي خود پنهنجيءَ قوم کي تنهنجي هٿن مان نہ ڇڏائي سگھيا؟“


جڏهن ايماندار ماڻهو فتحياب ٿين ٿا، تڏهن قوم جي شان وَ شوڪت وڌي ٿي. مگر جڏهن بدڪار ماڻهو حڪمران ٿين ٿا، تڏهن ماڻهو پاڻ کي لڪائيندا ٿا وتن.


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن کي عملدارن ۽ اتي موجود سڀني ماڻهن چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا نہ ڏيڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.“


اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.


تنهن کان پوءِ امصياہ پاڻ عاموس کي چيو تہ ”اي غيب ڏسندڙ! هاڻي هليو وڃ. تون پنهنجي يهوداہ ملڪ ڏانهن موٽي وڃ. اُتي وڃي اڳڪٿيون ڪري پنهنجو پيٽ پال.


ايتري ۾ ڪن فريسين عيسيٰ کي اچي چيو تہ ”هتان نڪري هليا وڃو، ڇاڪاڻ تہ هيروديس حڪمران اوهان جي مارائڻ جي پويان آهي.“


تنهن هوندي بہ هنن رسولن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan